Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 14:16 - Muslim Sindhi Bible

16 جيڪي قومون يروشلم سان وڙهڻ لاءِ آيون هونديون، تن سڀني مان جيڪي بچي ويا هوندا، سي بعد ۾ قادر‌مطلق خداوند کي بادشاهہ مڃيندي سندس عبادت ڪرڻ ۽ تنبن واري عيد ملهائڻ لاءِ هر سال يروشلم ۾ ايندا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪي قومون يروشلم سان وڙهڻ لاءِ آيون هيون، تن سڀني مان جيڪي بچندا، سي هر سال بادشاهہ، لشڪرن جي خداوند کي سجدو ڪرڻ لاءِ، ۽ تنبن جي عيد ملهائڻ لاءِ ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 14:16
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو اهي ساڙڻ واريون قربانيون موسيٰ جي شريعت موجب مخصوص ڏينهن تي مقرر طريقي مطابق پيش ڪندو هو، جهڙوڪ: سبت جي ڏينهن تي، نئين چنڊ تي، سال ۾ ٽي ڀيرا مقرر عيدن تي يعني بي‌خميري مانيءَ جي عيد تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي.


هنن شرعي دستور موجب تنبن واري عيد ملهائي ۽ هر روز جون باهہ سان ساڙيون ويندڙ مقرر ڪيل قربانيون حڪم موجب پيش ڪيون.


سڄي ڌرتي تو کي سجدو ڪندي ۽ تنهنجا گيت ڳائيندي. هائو، اُهي تنهنجي نالي جا گيت پيا ڳائيندا.“


انهيءَ کان پوءِ ان قوم جا ماڻهو پنهنجا نذرانا کڻي قادرِمطلق خداوند جي نالي واري جاءِ ۾، يعني صيئون جبل تي قادرِمطلق خداوند آڏو آڻيندا، هائو، انهيءَ ئي قوم وارا جن جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن ۽ جن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي.


اهڙيءَ طرح خداوند پنهنجو پاڻ کي مصر وارن تي ظاهر ڪندو ۽ پوءِ مصرين ۾ خداوند جي سڃاڻ ايندي. سو اهي قربانين ۽ نذرانن پيش ڪرڻ سان خداوند جي عبادت ڪندا. هو خداوند جي حضور ۾ باسون باسيندا ۽ اهي پوريون ڪندا.


انهيءَ ڏينهن وڏي آواز سان نفيل وڄائي ويندي، تان‌تہ اشور ۽ مصر ملڪ ۾ جلاوطن ٿيل سڀيئي بني اسرائيل موٽي اچن. سو اهي موٽي ايندا ۽ پاڪ جبل تي اڏيل شهر يروشلم ۾ اچي خداوند جي عبادت ڪندا.


تڏهن مون کان رڙيون نڪري ويون تہ ”آہ! مون سان تہ ويل ٿي ويو، آءٌ تہ ناس ٿي ويس. آہ! آءٌ جيڪي بہ ڳالهايان ٿو سو گناهن سان ڀريل آهي، بلڪ منهنجي پوري قوم جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ گناهہ سان ڀريل آهي. پر تنهن هوندي بہ مون پنهنجي اکين سان ابدي بادشاهہ، خداوند قادرِمطلق کي ڏٺو آهي.“


هر نئين چنڊ جي عيد ۽ هر سبت جي ڏينهن تي، هر قوم جا ماڻهو مون خداوند جي عبادت ڪرڻ واسطي يروشلم ۾ منهنجي حضور ۾ اچي حاضر ٿيندا.


اُهو بادشاهہ، جنهن جو نالو قادرِمطلق جيئرو خداوند آهي، سو قسم کڻي فرمائي ٿو تہ ”جيئن تبور جبل سڀني جبلن کان مٿاهون آهي، ۽ جيئن ڪرمل جبل سمنڊ کان تمام اوچو آهي، تيئن ئي اهو شخص اوهان کان زورآور آهي، جيڪو اوهان تي حملو ڪرڻ اچي ٿو.


تباهي مچائيندڙ لشڪر موآب جي شهرن تي ڪاهي ايندو، ۽ انهيءَ جي چونڊ جوان مردن کي قتل ڪيو ويندو. آءٌ ئي بادشاهہ آهيان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ هي سڀ آءٌ ئي ٿو چوان.


آءٌ بابل جي سردارن، ڏاهن، حاڪمن، سپهہ‌سالارن ۽ جنگي جوڌن کي سزا جو شراب پيئاري پيئاري مست ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي، جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن. اُهو آءٌ بادشاهہ ٿو چوان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي.


پر ياد رکو، آءٌ مصر ملڪ کان وٺي خداوند اوهان جو خدا آهيان، هاڻي بہ آءٌ ئي وري اوهان کي خيمن ۾ رهڻ تي مجبور ڪندس، جيئن اوهين اڳ بيابان ۾ رهندا هئا.


پر جيڪو بہ مون خداوند جو نالو وٺي ٻاڏائيندو، سو بچي ويندو. جيئن مون اڳ واعدو ڪيو آهي تہ صيئون جبل تي يروشلم ۾ جن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي، سي سڀ بچي ويندا.“


اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تان‌تہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“


سڄيءَ دنيا تي خداوند جي ئي بادشاهي هوندي. ان ڏينهن رڳو خداوند کي ئي معبود مڃيو ويندو ۽ رڳو سندس ئي عبادت ڪئي ويندي.


آءٌ اوهان کي اهڙي سيکت ڏيندس، جو اڳتي اوهين ڪو حرام کاڌو نہ کائيندا، هائو، نہ رت لڳل گوشت ۽ نہ وري ڪو منع ڪيل کاڌو. منهنجي ڏنل سيکت کان پوءِ جيڪي بچي ويندا، سي مون خداوند جا هوندا، ۽ انهن کي بہ يهوداہ وارن جهڙا حق حاصل هوندا. هائو، عقرون شهر وارا بہ يبوسين وانگر منهنجي قوم جا سمجھيا ويندا.


سو لعنت آهي اهڙي دغاباز تي جنهن جي ڌڻ ۾ باسيل بي‌عيب نر موجود تہ آهي، پر تنهن هوندي بہ هو مون پروردگار لاءِ عيب وارو جانور قربان ٿو ڪري. آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان ۽ دنيا جون سڀ قومون منهنجو ادب ڪن ٿيون.“


”سڀاڳو آهي اهو بادشاهہ، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! شل آسمان تي سلامتي ۽ عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“


تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي استاد! اوهين تہ خدا جا فرزند آهيو. اوهين بني اسرائيل جا بادشاهہ آهيو.“


پوءِ جڏهن يهودين جي تنبن واري عيد ويجھي آئي،


انهيءَ لاءِ تہ باقي بني آدم يعني سموريون قومون جيڪي منهنجيون ٿيون سڏجن، سي مون خداوند جون طلبگار ٿين.


ابراهيم خدا جو چونڊيل هو، تنهنڪري سندس نسل بہ چونڊيل آهي. هائو، خدا کي ڏنل نذراني جو پهريون چاڻو پاڪ قرار ڏنو ويو تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پاڪ ٿي ويو يا وڻ جي پاڙ جڏهن مخصوص ڪئي ويئي تہ ان جون ٽاريون بہ مخصوص ٿي ويون.


انهيءَ طرح پوري بني اسرائيل قوم ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو. هو يعقوب جي اولاد مان سندن بي‌دينيءَ کي ڪڍي ڇڏيندو.


ساڳيءَ طرح هن وقت بہ بني اسرائيل مان ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن، جن کي خدا پنهنجي فضل سان چونڊيو آهي.


انهيءَ ئي مهل ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ اِن وڏي شهر جو ڏهون حصو ڪري تباهہ ٿي ويو. انهيءَ زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا ۽ باقي بچيل ماڻهن ۾ دهشت ڦهلجي ويئي ۽ اهي عرش عظيم جي خدا جي عظمت مڃڻ لڳا.


هن جي پوشاڪ تي ران وٽ سندس هي لقب لکيل آهي: ”بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ