Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 14:14 - Muslim Sindhi Bible

14 يهوداہ وارا بہ يروشلم جي طرفان وڙهندا ۽ آس‌پاس وارن ملڪن جي دولت يعني سون، چاندي ۽ ڪپڙا وڏي مقدار ۾ گڏ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ يهوداہ بہ يروشلم سان وڙهندو، ۽ آس پاس جي ملڪن جو مال، يعني سون ۽ چاندي ۽ ڪپڙا گهڻي تعداد ۾ گڏ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 14:14
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انهيءَ جي تجارت ۽ اُجوري واري رقم خداوند جي لاءِ مخصوص هوندي. اها ڪنهن بہ خزاني ۾ ميڙي گڏ ڪري نہ رکي ويندي، بلڪ انهيءَ جي تجارت جو نفعو خداوند جي عبادت ڪندڙ قوم لاءِ ئي هوندو، تان‌تہ اهي ڍءُ ڪري کائين پيئن ۽ عمدي پوشاڪ پهرين.


”دنيا جون سڀ قومون يروشلم شهر آڏو اچي گڏ ٿينديون ۽ شهر سميت سڄي يهوداہ کي گھيري هيٺ آڻي ڇڏينديون. پر ڏسو، انهيءَ ڏينهن آءٌ يروشلم کي انهن گڏ ٿيل سڀني قومن کي سزا ڏيڻ لاءِ مئي جي اهڙي پيالي مثل بڻائيندس، جنهن مان پيئڻ وارو ٿاٻڙجي ڪري ٿو. هائو، آءٌ يروشلم کي سڀني قومن لاءِ اهڙو ڳرو پٿر بڻائيندس جو جيڪو بہ ان کي کڻڻ جي ڪوشش ڪندو سو پاڻ کي ڦٽي وجھندو.


اي يروشلم وارؤ! ڏسو، خداوند جو فيصلي وارو ڏينهن اچي ٿو. انهيءَ ڏينهن ڇا ٿيندو جو اوهان جا دشمن اوهان مان مال لٽي ڦري اوهان جي روبرو پاڻ ۾ ورهائيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ