Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 14:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي يروشلم وارؤ! ڏسو، خداوند جو فيصلي وارو ڏينهن اچي ٿو. انهيءَ ڏينهن ڇا ٿيندو جو اوهان جا دشمن اوهان مان مال لٽي ڦري اوهان جي روبرو پاڻ ۾ ورهائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ڏس، خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، جڏهن تنهنجو مال ڦرجي تنهنجي وچ ۾ ورهايو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 14:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو سزا وارو ڏينهن ويجھو اچي پهتو آهي. اهو ڏينهن قادرِمطلق طرفان تباهيءَ وارو ڏينهن هوندو.


ڏسو، خداوند جو ڏينهن اچڻ وارو آهي، اهو غضب ۽ قهر جي ڀڙڪڻ وارو بي‌رحم ڏينهن هوندو، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ کي ويران ڪري ڇڏي، ۽ سڀني گنهگارن کي ناس ڪري ڇڏي.


بيشڪ قادرِمطلق پنهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي، سڀني مغرورن، اوچي ڳاٽ وارن ۽ وڏائي خورن تي اچي ڪڙڪندو ۽ کين هيٺ ڪيرائي وجھندو.


اي پهريدارؤ! اوهين خدا جي پاڪ جبل صيئون ۾ جنگ جي نفيل وڄائي خوف جي خبر ٻڌايو. هائو، يهوداہ ملڪ جي سڀني رهاڪن کي ڊيڄاري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي عدالت وارو ڏينهن بلڪل ويجھو اچي پهتو آهي.


سج ڦري اونداهو ٿي پوندو، ۽ چنڊ ڦري رت جيان ڳاڙهو ٿي پوندو. اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند جي ظاهر ٿيڻ واري عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ تي ٿيندو.


جڏهن عدالت واري انهيءَ ماٿريءَ ۾ هزارين بلڪ لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيندا. بيشڪ تڏهن خداوند انهن جي عدالت ڪندو.


خداوند خدا جي آڏو ماٺ ڪري بيهہ، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو سزا ڏيڻ وارو ڏينهن ويجھو آيو آهي. هن يهوداہ وارن کي هڪڙي قربانيءَ طور تيار ڪيو آهي. هو کين سندن دشمن جي اڳيان پيش ڪندو، جيڪي کين کائي چٽ ڪري ڇڏيندا.


يهوداہ وارا بہ يروشلم جي طرفان وڙهندا ۽ آس‌پاس وارن ملڪن جي دولت يعني سون، چاندي ۽ ڪپڙا وڏي مقدار ۾ گڏ ڪندا.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن سڀ مغرور ۽ برا ڪم ڪندڙ بُهہ وانگر ساڙيا ويندا. اهو ڏينهن کوري وانگر ساڙيندڙ هوندو ۽ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. اهو سندن پاڙن ۽ ٽارين کي بہ ساڙي ڇڏيندو.


پر منهنجي عظيم ۽ ڊيڄاريندڙ ڏينهن اچڻ کان اڳ ۾ آءٌ اوهان وٽ الياس نبي موڪليندس.


تڏهن سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پوندو. هائو، اهو سڀ مون خداوند جي عظيم ۽ جلويدار ڏينهن جي اچڻ کان پهريائين ٿيندو.


اهي ڏيڏر ڀوتن جا روح آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي بادشاهن وٽ وڃي معجزا ڏيکارين ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي عظيم ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ