Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 12:9 - Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ ڏينهن آءٌ يروشلم تي ڪاهي ايندڙ سڀني قومن کي برباد ڪري ڇڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني قومن کي، جي يروشلم جي برخلاف ايندا، ناس ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 12:9
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن انهن سڀني قومن جا ڪٽڪ، جيڪي منهنجي قربان‌گاهہ واري ان شهر سان اچي جنگ جوٽيندا. هائو، اهي دشمن جيڪي انهيءَ شهر جو گھيرو ڪري سندس قلعي تي اچي حملو ڪري ان کي مصيبت ۾ وجھندا، سي سڀ هڪڙي خواب مثل گم ٿي ويندا.


ڏس، جيڪڏهن تو تي ڪو حملو ڪندو، تہ اهو منهنجي طرفان نہ هوندو. بلڪ تو تي حملو ڪندڙ تنهنجي ڪري قتل ڪيا ويندا.


پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو. عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا، تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ. اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان، ۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ غير قومن جي سڀني حڪومتن ۽ سندن طاقتن کي ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، آءٌ انهن جي جنگي گھوڙي گاڏين کي سوارن سميت اونڌو ڪري ڇڏيندس ۽ گھوڙن ۽ سندن سوارن کي بہ مارائي ڇڏيندس. ايتري قدر جو اهي لشڪر خونريزي وجھي هڪٻئي کي ماري ڇڏيندا.


”دنيا جون سڀ قومون يروشلم شهر آڏو اچي گڏ ٿينديون ۽ شهر سميت سڄي يهوداہ کي گھيري هيٺ آڻي ڇڏينديون. پر ڏسو، انهيءَ ڏينهن آءٌ يروشلم کي انهن گڏ ٿيل سڀني قومن کي سزا ڏيڻ لاءِ مئي جي اهڙي پيالي مثل بڻائيندس، جنهن مان پيئڻ وارو ٿاٻڙجي ڪري ٿو. هائو، آءٌ يروشلم کي سڀني قومن لاءِ اهڙو ڳرو پٿر بڻائيندس جو جيڪو بہ ان کي کڻڻ جي ڪوشش ڪندو سو پاڻ کي ڦٽي وجھندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ