Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 12:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پر آءٌ خداوند پهريائين يروشلم کان اڳ ۾ سڄي يهوداہ جي آس‌پاس وارن کي فتح بخشيندس، انهيءَ لاءِ تہ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن جو شان باقي يهوداہ وارن کان وڌي نہ وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ خداوند يهوداہ جي تنبن کي پهريائين بچائيندو، تہ دائود جي گهراڻي جو جلال، ۽ يروشلم جي رهاڪن جو جلال، يهوداہ کان وڍجي نہ وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 12:7
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين پاڻ کي هر ڳالهہ ۾ مون کان مٿاهون پيا سمجھو، ۽ سمجھو ٿا تہ منهنجي مصيبت منهنجي گناهہ جي ثابتي آهي،


منهنجي مصيبت جي ڪري جيڪي خوشيون ٿا ملهائين، شل سي سڀ جو سڀ خوار خراب ۽ پريشان ٿين! هائو، منهنجي خلاف جيڪي پاڻ کي پڏائين ٿا، سي شل ذليل وَ خوار ٿين!


منهنجو عرض آهي تہ ”شل ائين نہ ٿئي جو دشمن مون تي خوشيون ملهائين، ۽ جڏهن منهنجو پير ترڪي پئي تڏهن هو پاڻ کي پڏائين.“


جيڪڏهن منهنجو ڪو دشمن مون کي طعنا هڻي ها، تہ هوند آءٌ اهي بہ برداشت ڪري وڃان ها. جيڪڏهن منهنجو ڪو مخالف مون سان ڪا گستاخي ڪري ها، تڏهن بہ جيڪر آءٌ انهيءَ کان پاڻ کي لڪائي ڇڏيان ها.


اهو منصوبو قادرِمطلق خداوند ئي رٿيو، انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ شهر جي مغرورن جي شان وَ شوڪت کي چٽ ڪري ڇڏي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ معزز سمجھيا ٿي ويا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي نسل تي رحم ڪندس، ۽ سندن گھرن ۾ وري خوشحالي آڻيندس، يروشلم شهر پنهنجي دڙي تي وري اڏيو ويندو، ۽ انهيءَ جو قلعو پنهنجي اصلي هنڌ تي وري قائم ٿيندو.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”هڪڙو ڏينهن ايندو جڏهن آءٌ دائود جي بادشاهت جيڪا هڪ ڪري پيل تنبوءَ مثل آهي، تنهن کي وري کڙو ڪندس، انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ ڳري ويل هنڌن جي مرمت ڪندس. آءٌ انهيءَ کي وري اهڙو ئي بڻائيندس جهڙو اڳ ٺهيل هو.


سو اهو عهد ان ڏينهن تي ئي منسوخ ٿي ويو. تڏهن رڍن جي واپارين اهو سڀ ڏسي سمجھي ورتو تہ هي خداوند جو پيغام آهي.


تڏهن انهيءَ ملائڪ مون کي يهوداہ جي گورنر زربابل لاءِ قادر‌مطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”اي زربابل! تون ڪامياب ٿيندين، نہ لشڪر جي زور سان، نہ انساني طاقت سان پر فقط منهنجي روح سان.


انهيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هن چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي بابا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“


هاڻي ڪيڏانهن ويو اوهان جو فخر؟ انهيءَ جي تہ ڪا گنجائش ئي ناهي رهي. ڪهڙي شريعت جي ڪري؟ ڇا عمل واري شريعت جي ڪري؟ نہ، رڳو ايمان واري شريعت جي ڪري.


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟


پر انهيءَ غيرتمنديءَ کان وڌيڪ خدا اسان تي فضل ٿو ڪري. انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ