Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 12:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن يهوداہ جا اڳواڻ پنهنجيءَ دل ۾ چوندا تہ ’يروشلم جا رهاڪو قادر‌مطلق خداوند پنهنجي خدا جي ڪري اسان جي طاقت آهن.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تڏهن يهوداہ جا سردار پنهنجي دل ۾ چوندا، تہ يروشلم جا رهاڪو، لشڪرن جي خداوند، پنهنجي خدا جي سبب اسان جي طاقت آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 12:5
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شال منهنجي محافظ خداوند جي واکاڻ هجي! جيڪو مون کي جنگ جي تربيت ڏئي ٿو.


خدا ئي آهي جيڪو منهنجي ڪمر تي سندرو ٻڌي ٿو. هو ئي منهنجيءَ راهہ کي محفوظ بڻائي ٿو.


تو ئي جنگ جي لاءِ منهنجي ڪمر پختي ٻڌي، ۽ حملو ڪري آيلن کي تو آڻي مون آڏو ڪيرايو.


خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.


اي يروشلم جا حڪمرانؤ ۽ رهاڪؤ! اوهين بہ سدوم جي حڪمرانن، ۽ عموراہ جي رهاڪن جهڙا گنهگار آهيو. هاڻي اوهين خداوند جو فرمان ٻڌو، هائو، اسان جي خدا جي شريعت تي ڌيان ڏيو.


تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رنن‌زالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.


آءٌ اوهان جي مٿان اهڙا ئي حاڪم توڙي مشير مقرر ڪندس، جهڙا مون شروع ۾ مقرر ڪيا هئا. تڏهن يروشلم کي سچار ۽ وفادار شهر ڪري سڏيو ويندو.“


پر اهو ڏينهن ايندو، جڏهن قادرِمطلق خداوند ئي پنهنجيءَ قوم جي باقي بچي ويلن لاءِ شاندار ۽ خوبصورت تاج هوندو.


هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهڻ وارن کي انصاف وارو روح عطا ڪندو، ۽ شهر جي دروازن تي حملي کان بچاءُ ڪندڙن کي طاقت عطا ڪندو.


خداوند اوهان جي دل ۽ دماغ کي بيهوش ڪري ڇڏيو آهي. هن اوهان جي اکين يعني اوهان جي نبين کي انڌو ڪيو آهي، هائو، هن ڄڻ اوهان جي چهري تي چادر وجھي ڇڏي آهي، جو اوهان جي انهن غيبدانن کي ڏسڻ کان محروم ڪيو اٿس.


ڏسو، يهوداہ ۾ هڪڙو اهڙو شخص بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سچائيءَ سان بادشاهي ڪندو. اتي جا قومي اڳواڻ پڻ انصاف سان حڪومت ڪندا.


هر ڪو مون بابت چوندو تہ ’بيشڪ خداوند ئي فتح ۽ طاقت بخشيندڙ آهي.‘ پر جيڪي مون کان ڦريل هوندا، سي سڀ مون آڏو خوار خراب ٿيندا.


آءٌ ڪاٺ ۽ پٿرن جي بدران پتل ۽ لوهہ آڻيندس، بلڪ پتل ۽ لوهہ جي بدران آءٌ سون ۽ چاندي آڻيندس. آءٌ تنهنجي حڪمرانن کي انصاف ۽ سلامتيءَ وارا بڻائيندس.


انهن جو اڳواڻ انهن منجھان ئي هوندو. هائو، انهن جو حاڪم سندن منجھان ئي ٿيندو. آءٌ هن کي سڏيندس تڏهن هو منهنجي ويجھو ايندو، نہ تہ ڪنهن جي مجال آهي جو ڪو پاڻ منهنجي ويجھو اچي سگھي؟ سو آءٌ ئي سندن خدا هوندس ۽ اهي منهنجي قوم هوندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تهڙيءَ طرح يعقوب جي نسل ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي آءٌ ڪڏهن بہ رد نہ ڪندس. دائود جي نسل مان ڪو نہ ڪو ضرور هوندو جيڪو ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي اولاد تي حڪمراني ڪري. بيشڪ آءٌ هنن تي ٻاجھہ ڪري سندن خوشحالي بحال ڪندس.“


خداوند صيئون جبل تان شينهن وانگر گجندو. هائو، سندس آواز سڄي يروشلم ۾ گونجندو، ايتري قدر جو زمين وَ آسمان ڏڪي ويندا. پر تنهن هوندي بہ خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ۽ پناهہ جي جاءِ هوندو.


آءٌ کين پنهنجي طاقت بخشيندس، ۽ هو منهنجو نالو وٺي پيا هلندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي مضبوط ڪندس، هائو، آءٌ انهن کي فتحياب ڪندس. آءٌ انهن کي موٽائي سندن وطن ۾ وري آباد ڪندس، ڇاڪاڻ تہ مون کي انهن تي رحم اچي ويو آهي. آءٌ انهن جا حالات اهڙا تہ بدلائي ڇڏيندس، جو ڄڻ تہ مون ڪڏهن کين رد ئي نہ ڪيو هو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان ۽ آءٌ انهن جي ٻڌندس.


انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند انهن قومن جي هر گھوڙي کي ٽاهہ ڏيندس ۽ انهن جي سوارن کي ديوانو ڪري ڇڏيندس. آءٌ يهوداہ وارن جي نگهباني ڪندس، پر سندن دشمنن جي سڀني گھوڙن کي انڌو ڪري ڇڏيندس.


انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي اڳواڻن کي ايڏو طاقتور بڻائيندس جو هو پنهنجي آس‌پاس وارين سڀني قومن کي ڳڙڪائي ويندا. هائو، اهي اڳواڻ دشمنن لاءِ ڪاٺين جي کوڙ ۾ ٻرندڙ شعلي وانگر ۽ اناج جي ول جي گڏن ۾ باهہ لڳائيندڙ مشعل وانگر ٿيندا. جڏهن تہ يروشلم پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن قائم رهندو.


يهوداہ وارا بہ يروشلم جي طرفان وڙهندا ۽ آس‌پاس وارن ملڪن جي دولت يعني سون، چاندي ۽ ڪپڙا وڏي مقدار ۾ گڏ ڪندا.


پوءِ بہ آءٌ بيحد شڪر ڪريان ٿي بني اسرائيل جي انهن سالارن ۽ سپاهين لاءِ، جيڪي پنهنجي رضا خوشيءَ سان لشڪر ۾ اچي ڀرتي ٿيا. خداوند جي واکاڻ هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ