Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 12:12 - Muslim Sindhi Bible

12-14 سڄي ملڪ جو هر ڪو گھراڻو جدا جدا سوڳ ڪندو، يعني دائود جو گھراڻو، ناتن جو گھراڻو، لاويءَ جو گھراڻو، سمعي جو گھراڻو ۽ باقي ٻيا سڀ گھراڻا. هر گھراڻي جا مرد جدا پيا روئندا رڙندا تہ عورتون جدا پيون روئنديون رڙنديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ سڄو ملڪ ماتم ڪندو، هرڪو گهراڻو جدا جدا؛ دائود جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛ ناتن جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 12:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو خداوند ناتن نبيءَ کي دائود ڏانهن موڪليو. هو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ ”هڪڙي شهر ۾ ٻہ ماڻهو رهندا هئا، جن مان هڪڙو شاهوڪار هو ۽ ٻيو غريب.


جيڪي ٻار هن کي يروشلم ۾ ڄاوا تن جا نالا هي هئا: سموعہ، سوباب، ناتن، سليمان،


انهيءَ رات فرعون، سندس عملدار ۽ سڀيئي مصري جاڳي اٿيا ۽ مصر ۾ ڏاڍو ماتم مچي ويو، ڇاڪاڻ تہ ڪو گھر اهڙو ڪونہ هو جنهن ۾ موت نہ ٿيو هجي.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون يهوداہ جي بادشاهہ ۽ سندس والدہ راڻيءَ کي چئُہ تہ ’پنهنجي پنهنجي تخت تان هيٺ لهو، ڇو تہ اوهان جو شان وَ شوڪت وارو تاج اوهان جي مٿي تان لاٿو وڃي ٿو.


جيئن تہ بني اسرائيل پنهنجي رستي کان هٽي ويا آهن، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو اٿن، سو سندن روئڻ ۽ منٿن ڪرڻ جو آواز پهاڙن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.


يقيناً مون اسرائيل وارن کي روئندي رڙندي ۽ هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’اي خداوند! تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني آهي، جهڙي جڙ گابي کي ڏبي آهي، ۽ اسين سکي ويا آهيون. سو تون اسان کي توفيق ڏي تہ هاڻ اسين تو آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا آهين.


انهيءَ سبب ڌرتي ماتم ڪندي ۽ آسمان ڪاراٽجي ويندو. آءٌ اهو فيصلو ڪري چڪو آهيان ۽ پنهنجو ارادو نہ بدلائيندس.“


هائو، سڀني ماڻهن کي آڻي گڏ ڪري کين پاڪ گڏجاڻيءَ لاءِ تيار ڪريو. وڏي عمر وارن کان وٺي کير پياڪ معصومن تائين سڀني کي آڻي گڏ ڪريو. ايتري قدر جو نوان گھوٽ ڪنوار بہ پنهنجي ڪوٺيءَ کي ڇڏي ضرور اچي حاضر ٿين.


انهيءَ ڏينهن يروشلم ۾ ايڏو تہ وڏو سوڳ ڪيو ويندو، جهڙيءَ طرح مگدون جي ماٿريءَ ۾ هدد رمون جي لاءِ سوڳ ڪيو ويندو آهي.


۽ ڪاهنن ۽ نبين کان پڇن تہ ”ڇا اسين پنجين مهيني ۾ روزو رکي اڃا بہ هيڪل جي تباهيءَ جو سوڳ ڪريون، جيئن هر سال ڪندا آيا آهيون؟“


ان وقت ابنِ آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي. تنهن تي ڌرتيءَ جي سڀني قومن ۾ ماتم مچي ويندو ۽ هو ابنِ آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان وَ شوڪت سان آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسنديون.


الياقيم پٽ ملي‌آہ جو، ملي‌آہ پٽ مناہ جو، مناہ پٽ متتاہ جو، متتاہ پٽ ناتن جو ۽ ناتن پٽ دائود جو،


اوهين هڪٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي هڪٻئي جي رضامنديءَ سان هڪ مقرر وقت لاءِ پرهيز ڪريو، تہ جيئن اوهين دعا گھرڻ ۾ پوريءَ طرح مصروف رهو. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو، ڇو تہ متان اوهان جي نفساني برداشت جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوهان کي برغلائي وجھي.


ڏسو، هو ڪڪرن تي ٿو اچي، هر هڪ اک هن کي ڏسندي. اهي بہ کيس ڏسندا جن هن کي گھاءُ ڏيئي ماريو هو، ۽ کيس ايندو ڏسي خوف وچان ڌرتيءَ جون سڀيئي قومون ڇاتي پٽينديون. هائو، ائين ئي ٿيندو. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ