Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 12:10 - Muslim Sindhi Bible

10 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ آءٌ دائود جي گهراڻي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، فضل ۽ دعا جو روح نازل ڪندس؛ ۽ هو انهيءَ تي جنهن کي هنن گهايل ڪيو، نگاهہ ڪندا: ۽ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي لاءِ ڪندو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ سخت ڏک ڪندا، جيئن ڪو پهريتي لاءِ ڪندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 12:10
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوسف پنهنجي نوڪرن جي اڳيان پاڻ کي جھلي نہ سگھيو ۽ رڙ ڪري کين چيائين تہ ”سڀيئي ٻاهر هليا وڃو.“ سو جڏهن يوسف پاڻ کي پنهنجي ڀائرن ۾ ظاهر ڪيو، تڏهن اتي ٻيو ڪوبہ ماڻهو موجود ڪونہ هو.


يوسف ايترو تہ زور سان رنو جو مصرين ٻڌي ورتو ۽ اها خبر وڃي مصر جي بادشاهہ جي محلات ۾ پهتي.


تون مون کي پنهنجي نجات واري خوشي وري عطا ڪر، ۽ راضپي وارو روح عطا ڪر تہ پوريءَ طرح فرمانبردار رهان.


منهنجي تنبيهہ تي ڌيان ڏيو. ڏسو، آءٌ اوهان کي عقلمنديءَ سان مالا مال ڪري ڇڏينديس ۽ اوهان کي پنهنجيون ڳالهيون سمجھائينديس.


جيئن تہ آءٌ والدين جو اڪيلو ۽ لاڏلو پٽ هئس، سو ماءُ مون کي بيحد پيار ڪندي هئي. جڏهن آءٌ اڃا ننڍڙو ٻار هئس


اهو سڀ تيستائين ٿيندو رهندو، جيستائين خدا وري اسان تي پنهنجو پاڪ روح نازل ڪري. تڏهن بيڪار زمين سرسبز ٿي پوندي، ۽ سرسبز زمين ۾ بيحد جھجھا فصل ٿيندا.


اي ڌرتيءَ جا سمورا رهاڪؤ! اوهين سڀ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ امن وَ سلامتي حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ڪو ٻيو ڪونهي.


گمراهيءَ کان پوءِ اسان توبهہ ڪئي. سمجھي وٺڻ کان پوءِ اسان پنهنجي گوڏن تي هٿ هنيا. اسين شرمندا ٿياسين ۽ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيوسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي قوم شروع کان ئي ذلت کنئي هئي.‘


هو ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، تڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندس. آءٌ کين مٺي پاڻيءَ وارين نهرن وٽان هموار رستي تان آڻيندس، جتي هو ڪو ٿاٻو نہ کائيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن جو ابو آهيان، هائو، بني افرائيم منهنجو پهريتو ٻار آهي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهن ئي ڏينهن ۾ اسرائيل ۽ يهوداہ وارا ٻئي گڏجي روئيندي ۽ زاريون ڪندي مون خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! کٿا ڍڪيو، ۽ خاڪ تي ليٿڙيون پايو، زاروزار روئو ۽ رڙو، جيئن ڪنهن سڪيلڌي پٽ لاءِ روئبو آهي، ڇاڪاڻ تہ تباهہ ڪندڙ اوچتو اچي اوهان تي ڪڙڪندو.“


پوءِ اتي اوهين پنهنجي بڇڙائيءَ واري چال چلت ۽ پنهنجا ڪيل ڪراهت وارا ڪم ياد ڪري پنهنجو پاڻ کان نفرت ڪندا، ڇاڪاڻ تہ انهن سڀني بدڪارين جي ڪري اوهين پليت ٿيا هئا.


آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجھندس ۽ اوهين وري زندہ ٿي پوندا. آءٌ اوهان کي پنهنجي ئي وطن ۾ آباد ڪندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند جيڪو واعدو ڪيو هو سو پورو ڪيو اٿم. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


آءٌ بني اسرائيل کان اڳتي ڪڏهن بہ منهن نہ موڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجو روح انهيءَ قوم تي نازل ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ اوهان جي عيدن کي ڦيرائي ماتم، ۽ سڀني راڳن کي ڦيرائي مرثيا ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان سڀني کي کٿا ڍڪرائيندس، ۽ اوهان جا مٿا ڪوڙائيندس. آءٌ اوهان ۾ اهڙو تہ ماتم وجھندس، جهڙو سڪيلڌي پٽ جي مرڻ تي ٿيندو آهي، اهو ماتم پڇاڙي تائين تمام سخت هوندو.


آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“


سو موسيٰ هڪڙو پتل جو نانگ ٺاهيو ۽ انهيءَ کي هڪڙي ٿوڻيءَ تي لٽڪائي ڇڏيائين. پوءِ جڏهن بہ ڪنهن ماڻهوءَ کي نانگ ڏنگيو ٿي تڏهن ان پتل جي نانگ ڏانهن ٿي نهاريو تہ مرڻ کان بچي ٿي ويو.


ان وقت ابنِ آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي. تنهن تي ڌرتيءَ جي سڀني قومن ۾ ماتم مچي ويندو ۽ هو ابنِ آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان وَ شوڪت سان آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسنديون.


تڏهن پطرس کي عيسيٰ جي چيل ڳالهہ ياد اچي ويئي تہ ”ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ پوءِ تہ پطرس ٻاهر وڃي زاروزار روئڻ لڳو.


ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.


مسيح تي ايمان رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ خدا پنهنجي بخشش، يعني پاڪ روح غير قومن تي بہ نازل ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ


پوءِ جڏهن مون انهن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو تہ پاڪ روح انهن تي نازل ٿيو. بلڪل ائين جيئن شروع ۾ اسان تي نازل ٿيو هو.


’پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ پنهنجو روح سڀني ماڻهن تي نازل ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو پيغام ٻڌائيندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ رويائون ڏسندا.


هو پنهنجي پيءُ يعني خدا جي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو ويو آهي، جنهن کان واعدي ڪيل پاڪ روح وٺي هن اهو اسان تي نازل ڪيو آهي، جنهن جو اثر اوهين هاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.


جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تہ اها ڳالهہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي. سو هنن پريشان ٿي پطرس ۽ ٻين سڀني رسولن کي چيو تہ ”ڀائرؤ! اسين هاڻي ڇا ڪريون؟“


ڏسو، اوهان کي اهو روح نہ مليو آهي جيڪو اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اهو روح مليو آهي جنهن جي وسيلي اوهين خدا جا ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ روح جي ڪري اسين سڀيئي خدا کي ”بابا، اي بابا!“ ڪري ٿا پڪاريون.


انهيءَ اميد سان گڏوگڏ پاڪ روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري. جيئن تہ اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڪهڙي مناسب دعا گھرون، سو پاڪ روح پاڻ بيان کان ٻاهر آهون ڀري ڀري اسان جي سفارش پيو ڪري.


پاڪ روح جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ دعا ۽ منٿ سان خدا کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي دعا گھرندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


پر اي عزيزؤ! جيئن اوهين دائمي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رهو ٿا، تيئن پنهنجي نهايت ئي پاڪ ايمان ۾ هڪٻئي کي مضبوط ڪندي ۽ پاڪ روح جي مدد سان دعا گھرندي گڏجي پنهنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو.


ڏسو، هو ڪڪرن تي ٿو اچي، هر هڪ اک هن کي ڏسندي. اهي بہ کيس ڏسندا جن هن کي گھاءُ ڏيئي ماريو هو، ۽ کيس ايندو ڏسي خوف وچان ڌرتيءَ جون سڀيئي قومون ڇاتي پٽينديون. هائو، ائين ئي ٿيندو. آمين.


عهد واري صندوق کي قريت‌يعريم ۾ رکئي ويهن سالن جو ڊگھو عرصو گذري ويو. انهيءَ عرصي دوران بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو مدد لاءِ خداوند کي ٻاڏائيندا رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ