ذڪرياہ 11:17 - Muslim Sindhi Bible17 ويل آهي انهيءَ نالائق ريڍار لاءِ! جيڪو ڌڻ کي ڇڏي ٿو وڃي. هن جي ٻانهن سڪي ويندي، ۽ سندس ساڄي اک صفا انڌي ٿي پوندي. هائو، ويل آهي انهيءَ نالائق حڪمران لاءِ! جنگ ۾ سندس طاقت بلڪل ختم ٿيندي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 افسوس، انهيءَ نالائق ريڍار تي، جو ڌڻ کي ڇڏي ٿو وڃي! هن جي ساڄيءَ ٻانهن ۽ ساڄيءَ اک تي ترار اچي ڦرندي؛ هن جي ٻانهن بلڪل سُڪي ويندي ۽ هن جي ساڄي اک انڌي ٿي ويندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
آءٌ سچ پچ انهن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجن ڪوڙن خوابن کي منهنجو پيغام ڪري ٻڌائين ٿا. هو انهن ڪوڙن خوابن جو تعبير ٻڌائي ۽ ٻٽاڪون هڻي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا، جڏهن تہ مون هنن کي ڪين موڪليو آهي ۽ نہ ئي وري مون کين مقرر ڪيو آهي. سو انهن مان هن قوم کي ڪوبہ فائدو هرگز نہ ٿو ملي سگھي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“