Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 11:16 - Muslim Sindhi Bible

16 ڏس، آءٌ پنهنجي قوم جي سار سنڀال لاءِ هڪ اڳواڻ کڙو ڪرڻ وارو آهيان، جيڪو اهڙي ريڍار وانگر هوندو جيڪو نہ ناس ٿي ويل رڍن جي ڪا خبرچار لهي ٿو، نہ ڪڻو ڪڻو ٿي ويلن جي ڳولا ٿو ڪري، نڪي زخمين جو علاج ٿو ڪري ۽ نہ وري صحتمندن جي پرورش ٿو ڪري، بلڪ هو رڳو ٿلهين متارين رڍن جو گوشت ٿو کائي ۽ انهن جا کُر ڇني ٿو اڇلائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ڇالاءِ جو ڏس، تہ آءٌ ملڪ ۾ اهڙو ريڍار اُٿاريندس، جو گمراهہ ٿيلن جي خبر نہ لهندو، ۽ جي پکڙيل آهن، تن کي بہ نہ ڳوليندو، ۽ نڪي ڏکين جو علاج ڪندو؛ نہ هو چڱن کي چاريندو، پر دُنبن جو گوشت کائيندو ۽ سندن ٽنگون چيري ڦاڙيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 11:16
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پورا ويهہ سال توهان وٽ رهيس، تنهن وچ ۾ نہ توهانجين رڍن ۽ ٻڪرين جا ڦر ڪريا ۽ نہ ئي وري توهان جي ڌڻ جا گھٽا مون کاڌا.


پر يعقوب کيس چيو تہ ”سائينءَ جن کي خبر آهي تہ هي ٻار نازڪ آهن ۽ رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا، جيڪي منهنجي سنڀال ۾ آهن سي کير ڌارائيندڙ آهن. سو جيڪڏهن هنن کي هڪڙي ئي ڏينهن گھڻو ڪاهبو تہ سمورو چوپايو مال مري ويندو.


هو ڌنار وانگر پنهنجي ڌڻ جي سار سنڀال لهندو. هو گھيٽڙن کي گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو. انهن جي کير پيئاريندڙ مائرن کي هو آهستي آهستي پاڻ سان وٺي هلندو.


جيڪڏهن هو منهنجي بارگاهہ ۾ اچي منهنجي ڳالهين کي ڄاڻين ها، تہ جيڪر منهنجو ئي پيغام منهنجي قوم کي پهچائين ها، ۽ انهن کان خراب رستو ۽ سندن برا ڪم ڇڏرائي ڇڏين ها.“


ياد رکو، هاڻي آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان کان حساب وٺندس ۽ پنهنجيون رڍون ٻڪريون ڇڪي موٽائيندس ۽ وري ڪڏهن بہ اوهان کي انهن جو ڌنار ٿيڻ نہ ڏيندس، نڪي اوهين اڳتي انهن مان پنهنجا ڍڍ ڀريندا. هائو، آءٌ اوهان کان پنهنجو ڌڻ ڇڏائي وٺندس، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي اهي اوهان جي خوراڪ نہ بڻجن. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


آءٌ پنهنجي گم ٿي ويل رڍن ٻڪرين کي ڳولي لهندس ۽ ڌڻ مان نڪري ويلن کي موٽائي آڻيندس. آءٌ عضوي ڀڳل رڍن ٻڪرين جا عضوا ٻڌي ٺيڪ ڪندس، ۽ بيمارن ۽ ڪمزورن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندس. مگر جيڪي ٻين جي حصي جو گاهہ کائي ٿلهيون متاريون ۽ زورآور ٿيون هونديون تن کي ڪُهي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سدائين انصاف ڪندڙ آهيان.


جيئن تہ اوهين سڀيئي ڪمزورن کي پاسا ۽ ڪلها هڻي ڌڪا ٿيون ڏيو ۽ سڀني بيمارن کي پنهنجا سڱ هڻي پري پري تائين ڀڄائي ٿيون ڪڍو.


سو شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو. هو پاڻ کي پڏائيندو ۽ هر معبود کان پاڻ کي وڏو چوائيندو ۽ تڪبر وچان معبودن جي معبود خدا بابت ڪفر بڪندو. هو تيستائين ڪامياب رهندو، جيستائين مٿس خدا جو غضب اچي نہ ڪڙڪي. بيشڪ جيڪي مقرر ڪيو ويو آهي، سو ضرور ٿيندو.


عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو ماڻهو رڍن جي واڙي ۾ در کان نہ ٿو گھڙي پر ڪنهن ٻئي پاسي کان ٽپي اچي ٿو، سو چور ۽ ڌاڙيل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ