Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 11:15 - Muslim Sindhi Bible

15 پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون هاڻي وري ريڍارن وارو سامان پاڻ سان کڻ. هن دفعي تون بي‌وقوف ريڍار ٿيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ تون وري بہ بي عقل ريڍار جو سامان کڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 11:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند، بني اسرائيل جو خدا پنهنجي قوم جي اڳواڻن، جيڪي ڌڻ جي ڌڻيءَ مثل آهن تن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي انهن اڳواڻن لاءِ! جيڪي منهنجي قوم کي تباهہ ۽ ڇڙوڇڙ ڪري ڌڪي ٿا ڪڍن ۽ انهن جي سار سنڀال نہ ٿا لهن. ائين هو جيڪا بڇڙائي ڪن ٿا، تنهن جي آءٌ کين سزا ڏيندس.


تنهنجي نبي سڏائيندڙن تو سان دوکو ڪري ڪوڙيون رويائون ۽ غلط پيغام ٻڌايا. کين تو کي تنبيهہ ڪرڻ گھربي هئي، تہ جيئن تون بدڪارين کان پري رهي ڪري اهڙي خوشحال ۽ صحيح سلامت رهين جهڙي اڳئين زماني ۾ هئينءَ. پر هنن تو کي ڪوڙيون ۽ گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري ٻڌايون.


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ويل آهي انهن احمق نبي سڏائيندڙن لاءِ! جيڪي پنهنجيءَ دل جي پيروي ڪن ٿا ۽ ڪابہ رويا ڪين ڏٺي اٿائون.


ويل آهي انهيءَ نالائق ريڍار لاءِ! جيڪو ڌڻ کي ڇڏي ٿو وڃي. هن جي ٻانهن سڪي ويندي، ۽ سندس ساڄي اک صفا انڌي ٿي پوندي. هائو، ويل آهي انهيءَ نالائق حڪمران لاءِ! جنگ ۾ سندس طاقت بلڪل ختم ٿيندي.“


سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


اي انڌؤ! اي بي‌وقوفؤ! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، سون يا هيڪل جنهن سون کي پاڪ ڪيو؟


اي بي‌وقوفؤ! جنهن خالق اوهان جو ٻاهر ٺاهيو آهي، ڇا تنهن ئي اوهان جو اندر نہ ٺاهيو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ