ڏسو، اوهين لبناني ديال جي انهيءَ وڻ وانگر آهيو جنهن جون ٽاريون تمام سهڻيون هيون، جن جي ڪري اهو ڏاڍي ڇانوَ ڪندڙ هو. انهيءَ جو قد ايڏو تہ وڏو هو جو ان جي چوٽي وڃي آسمان سان ٿي لڳي.
جيڪو ظلم توهان لبنان جي ٻيلن سان ڪيو، سو توهان تي ئي اچي ڪڙڪندو، ۽ جيڪو ڪوس توهان اتي جي جانورن ۾ وڌو، جنهن سان هو ڊڄي ويا سو بہ توهان کي ئي ڏهڪائي ڇڏيندو. انهيءَ سبب جو توهان انساني رت وهايو آهي، هائو، اوهان ملڪن جا ملڪ ۽ شهرن جا شهر ناس ڪيا آهن، ۽ اتي جي رهاڪن تي ظلم ڪيا اٿوَ.
انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي اڳواڻن کي ايڏو طاقتور بڻائيندس جو هو پنهنجي آسپاس وارين سڀني قومن کي ڳڙڪائي ويندا. هائو، اهي اڳواڻ دشمنن لاءِ ڪاٺين جي کوڙ ۾ ٻرندڙ شعلي وانگر ۽ اناج جي ول جي گڏن ۾ باهہ لڳائيندڙ مشعل وانگر ٿيندا. جڏهن تہ يروشلم پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن قائم رهندو.