تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جن کين ڏاڍو ستايو. پوءِ جڏهن مٿن ظلم ٿيڻ لڳو، تہ وٺي تو کي ٻاڏايائون. تڏهن عرش عظيم مان تو سندن دانهون ورنايون، ۽ پنهنجي وڏي ٻاجھہ سان تو هنن کي ڇڏائڻ وارا موڪليا، جن کين سندن دشمنن جي هٿان ڇڏايو.
تڏهن خداوند جِدعون، برق، افتاح ۽ آخر ۾ مون سموئيل کي موڪليو. اسان مان هر ڪنهن اوهان کي اوهان جي دشمنن، جيڪي اوهان جي چوڌاري هئا، تن جي هٿان ڇڏايو ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا آيا.