Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 8:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن آءٌ تو کي وٺي پنهنجي ماءُ جي گھر اچان ها، جنهن منهنجي پرورش ڪئي آهي. اتي آءٌ تو کي پنهنجي خوشبودار مئي، ۽ پنهنجي ڏاڙهن جي رس پيئاريان ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 آءٌ توکي وٺي پنهنجي ماءُ جي گهر اچان ها، تہ تون مون کي تعليم ڏين، آءٌ توکي مصالحدار مئي پياريان ها، جا ڏاڙهن جي رس مان جڙيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 8:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن دعوت لاءِ جانور ڪُهي تيار ڪيا آهن ۽ مئي ۾ مصالحا ملائي تيار ڪئي اٿس. هن پنهنجو دسترخانو بہ وڇايو آهي.


آءٌ اڃا انهن کان ٿورو اڳتي هليس، تہ هو مون کي ملي ويو، جيڪو منهنجي جان کان پيارو آهي. مون هن کي جھلي ورتو ۽ وڃڻ ڪين ڏنو مانس، ايستائين جو آءٌ کيس پنهنجي ماءُ جي گھر ۾ وٺي آيس، هائو، انهيءَ ماءُ جي گھر، جنهن مون کي پنهنجي پيٽ ۾ جھليو هو.


اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! تنهنجي چمين ۾ ڪيڏو نہ مٺاڻ آهي. تو سان ڀاڪر پائڻ ۾ مئي کان وڌ سُرور ملي ٿو. تنهنجي بدن جي خوشبوءِ هر قسم جي خوشبوئن کان اعليٰ آهي.


پوءِ صبح سوير اُٿي انگورن جي باغ ۾ هلون، ڏسون تہ انگورن جي ولين ٻور جھليو آهي يا نہ، باغ ۾ گل ٽڙيا آهن يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جھليا آهن يا نہ؟ اتي آءٌ تو سان پيار ڪنديس.


تنهنجي چپن جي چمي، عمدي مئي کان بہ وڌيڪ سرور واري آهي. ڀلي تہ اها مئي منهنجي محبوب ڏانهن سڌي وڃي، ۽ سندس چپن ۽ ڏندن کي ڇهندي وڃي.


جيئن ڀاءُ پنهنجي ماءُ جي ٿڃ ڌاتي هجي، ۽ انهيءَ جي سڳي ڀيڻ کيس کلئي عام چميون ڏيندي آهي، ڪاش! اهڙيءَ طرح جيڪڏهن تون مون کي رستي ۾ ملين ها، تہ آءٌ بہ تو کي کلئي عام چميون ڏيئي سگھان ها، ۽ ڪوبہ مون کي برو نہ چوي ها.


اوهين پاڪ ڪلام انهيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙهو، جو اوهان جو خيال آهي تہ انهيءَ ۾ اوهان کي دائمي زندگي ملندي، جڏهن تہ اهو پاڪ ڪلام بہ منهنجي شاهدي ڏئي ٿو.


پر خدا جي حضوريءَ وارو يروشلم آزاد آهي ۽ اها ئي وسندي اسان جي ماءُ سارہ آهي.


۽ ننڍپڻ کان وٺي خدا جي انهن پاڪ لکتن کان بہ واقف آهين، جيڪي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ تو کي دانائي بخشي سگھن ٿيون.


انهيءَ واقعي جي ڪري نبين جي معرفت مليل پاڪ ڪلام تي اسان جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. سو اوهين چڱو ڪندا جو انهيءَ تي ڌيان ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اهو هڪ ڏيئي وانگر آهي جيڪو اونداهيءَ ۾ روشني ٿو ڏئي ۽ اهو تيستائين روشني ڏيندو، جيستائين پرهہ ڦٽي ۽ صبح جو تارو، يعني مسيح وري اچي اوهان جي دلين ۾ چمڪي.


تڏهن آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر خدمت ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ بابت شاهدي ئي خدا جي پيغام جو نچوڙ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ