Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 8:11 - Muslim Sindhi Bible

11 سليمان بادشاهہ کي بعل هامون نالي جاءِ تي هڪڙو انگورن جو باغ هو. هن اهو انگورن جو باغ باغائين کي ٺيڪي ۾ ڏيئي ڇڏيو، جنهن لاءِ هر هڪ کي هزار چانديءَ جا سڪا ادا ڪرڻا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 سليمان تي بعل هامون ۾ هڪڙو ڊاک جو منهہ هو: هن اهو ڊاک جو منهہ سنڀاليندڙن کي ڀاڙي تي ڏئي ڇڏيو: سڀ ڪنهن کي ان جي ميوي جي عيوض چانديءَ جا هزار سڪا آڻڻا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 8:11
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن سارہ کي چيو تہ ”مون تنهنجي ڀاءُ کي چانديءَ جا هزار سڪا ڏنا آهن تان‌تہ تون انهن سڀني آڏو، جيڪي تو سان گڏ آهن، بي‌ڏوهي ثابت ٿئين ۽ هر ڪنهن کي خبر پوي تہ تو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي.“


تڏهن مون ڪجھہ وڏا وڏا ڪم ڪيا. مون پنهنجي لاءِ گھر جوڙايا ۽ انگورن جا باغ لڳرايا.


منهنجي سانوري هجڻ جو ڪو خيال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اس منهنجو رنگ ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. منهنجا ڀائر مون تي ڏمريل هئا، سو مون کي انگورن جي باغن جي سنڀال تي مقرر ڪري ڇڏيو هئائون. جنهن ڪري آءٌ پنهنجي رنگ روپ جي سنڀال ئي نہ ڪري سگھيس.


جيئن جھنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن ئي اي منهنجا محبوب! تون نوجوانن ۾ آهين. آءٌ بيحد خوشيءَ سان تنهنجي ڇانوَ ۾ ٿي ويهان، ۽ تنهنجو ميوو مون لاءِ ڏاڍو مٺو آهي.


پوءِ صبح سوير اُٿي انگورن جي باغ ۾ هلون، ڏسون تہ انگورن جي ولين ٻور جھليو آهي يا نہ، باغ ۾ گل ٽڙيا آهن يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جھليا آهن يا نہ؟ اتي آءٌ تو سان پيار ڪنديس.


اي سليمان! تون ڀلي تہ هڪ هزار سڪا وٺ، ۽ باغ جي ميوي سنڀاليندڙن کي ڀلي تہ ٻہ سؤ سڪا وڌيڪ نفعو ملي. پر منهنجو انگورن جو باغ تہ رڳو منهنجو ئي آهي، جيڪو منهنجي اکين اڳيان آهي.


جڏهن اهو وقت ايندو تڏهن هر باغ ۾ جتي اڳ ۾ هڪ هزار انگورن جون وليون هيون ۽ جن جي قيمت هڪ هزار چانديءَ جا سڪا هئي، اتي انهن ولين جي بجاءِ رڳو ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا هوندا.


پوءِ عيسيٰ ڪائونسل جي انهن چڱن مڙسن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ انگورن جو هڪ باغ لڳايو. انهيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ هڪڙو ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ