Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 7:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀي جهڙي آهي، تنهنجيون اکيون حشبون شهر جي انهن تلائن جهڙيون آهن، جيڪي بيت‌ربيم جي دروازي وٽ آهن. تنهنجو نڪ لبنان جي مناري جهڙو آهي، جنهن جو رخ دمشق ڏانهن آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀ جهڙي آهي؛ تنهنجون اکيون حشبون جي تلائن جهڙيون آهن، جي بيت ربيم جي در وٽ آهن؛ تنهنجو نڪ لبنان جي ٺلهہ وانگر آهي، جنهن جو رخ دمشق ڏي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 7:4
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ابرام جواب ڏنو تہ ”اي خداوند خدا! تنهنجي انعام مان مون کي ڪهڙو فائدو پهچندو، ڇو تہ آءٌ بي‌اولاد آهيان؟ منهنجو وارث تہ رڳو منهنجي گھر جو نوڪر اليعزر دمشقي آهي. جيئن تہ تو مون کي اولاد ڪونہ ڏنو آهي، سو اهو ئي منهنجي ملڪيت جو وارث ٿيندو.“


پوءِ هن دمشق جي آس‌پاس واري ارامين جي علائقي ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون. اهڙيءَ طرح ارامي بہ دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا. سو دائود جيڏانهن بہ ٿي ويو، اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.


تنهن کان علاوہ بادشاهہ عاج جو هڪڙو وڏو تخت ٺهرايو ۽ انهيءَ جي مٿان تمام عمدو سون چاڙهايائين.


بادشاهہ کي حيرام جي سامونڊي جهازن سان گڏ تجارتي سامونڊي جهاز بہ هئا. ٽن سالن ۾ هڪڙو ڀيرو اُهي جهاز سون، چاندي ۽ عاج، باندر ۽ مور کڻي موٽندا هئا.


اخي‌اب جو باقي احوال ۽ ٻيا ڪم جيڪي هن ڪيا، عاج سان سينگاريل گھر جيڪو هن ٺهرايو ۽ سڀ شهر جيڪي هن تعمير ڪرايا، سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


هن لبنان جي ٻيلي واري ڪاٺ مان محل جو هال ٺهرايو جنهن جي ڊيگھہ ڇائيتاليهہ ميٽر، ويڪر ٽيويهہ ميٽر ۽ اوچائي ساڍا تيرهن ميٽر هئي. محل جو هال ديال ڪاٺ جي ٿنڀن جي چئن قطارن تي بيٺل هو ۽ ٿنڀن جي مٿان ديال جا پنجيتاليهہ شهتير رکيل هئا، هر هڪ قطار جي لوُئيِ ۾ پندرهن پندرهن شهتير هئا. هال جي ڇت ديال جي ڪاٺ مان ٺهيل هئي.


گدامن جا سڀ شهر، پنهنجين جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙي سوارن وارا شهر ۽ ٻيو سڀ جيڪي هن يروشلم ۾، لبنان ۾ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي سڄي ملڪ ۾ تعمير ڪرڻ گھريو سو بہ جوڙايائين.


هن بعلات شهر، گدامن وارا شهر ۽ اهي شهر بہ وري تعمير ڪرايا جن ۾ سندس گھوڙي گاڏيون ۽ سندس گھوڙي سوار رهندا هئا. هن يروشلم ۾، لبنان ۾ ۽ پنهنجي سڄي بادشاهت ۾ ٻيو جيڪي بہ چاهيو سو تعمير ڪرايو.


شال اسان جا پٽ پنهنجي جوانيءَ ۾ وڌندڙ وڻن جيان ٿين! شال اسان جون ڌيئرون انهن نقشدار ٿنڀن جيان ٿين، جيڪي هيڪل ۾ لڳل آهن!


تنهنجي شاهي لباس مان مُر، عود ۽ املداس جي خوشبوءِ پئي اچي. عاج سان سينگاريل محلاتن اندر تار وارن سازن جو آواز تو کي خوشي ڏئي ٿو.


تنهنجا ڳل تنهنجي نٿ جي لَڙهين سان ۽ تنهنجي ڳچي هيرن جواهرن سان ڪيڏي نہ سهڻي ٿي لڳي!


اي منهنجي محبوبہ! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين! واہ! تون ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجي نقاب پٺيان تنهنجيون اکڙيون، ڄڻ ڪبوترين جون اکيون آهن. تنهنجا وار ائين ٿا جھُومن، جيئن ڪو ٻڪرين جو ڌڻ جِلعاد جبل تان لهي رهيو هجي.


تنهنجي ڳچي دائود جي مناري وانگر آهي، جيڪو ماهر ڪاريگر جي هٿان ٺاهيو ويو آهي. تون هار پائڻ سان ائين ٿي لڳين، جو ڄڻ تہ انهيءَ مناري جي چوڌاري هزارين ڍالون لٽڪايون ويون هجن.


تنهنجيون ٻئي ڇاتيون هرڻيءَ جي انهن ٻن جاڙن ٻچن جهڙيون آهن، جيڪي سوسن جي گلن ۾ چرندا هجن.


تنهنجي نظرن جو تاب ڏاڍو تکو آهي، ۽ منهنجي سهڻ کان وڌيڪ آهي، سو مون کي انهيءَ کان بچاءِ. تنهنجا وار ائين ٿا جھُومن، جيئن ڪو ٻڪرين جو ڌڻ جِلعاد جبل تان لهي رهيو هجي.


ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ تون وري شرمسار نہ ٿيندينءَ. پريشان نہ ٿيءُ، ڇوجو تون وري خوار نہ ٿيندينءَ، بلڪ تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ، ۽ پنهنجي رن‌زال هجڻ جو مِهڻو وري نہ ٻڌندينءَ.


جڏهن تہ سخت کاڌو پوريءَ عمر وارن جي لاءِ آهي، جيڪي آزمودي وسيلي ان لائق ٿي ويا آهن جو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق سمجھي سگھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ