Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 7:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اي منهنجا محبوب! سرور ڏيندڙ گلن جي خوشبوءِ هوا ۾ ڦهلجي ويئي آهي. اسان جي باغ جي دروازي وٽ هر طرح جا عمدا ميوا آهن. انهيءَ باغ جا تازا توڙي خشڪ ميوا، مون تو لاءِ گڏ ڪري رکيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ست رنگن جي خوشبوءِ پئي اچي، ۽ اسانجن درن تي هر قسم جا قيمتي ميوا، نوان توڙي پراڻا آهن، جي اي منهنجا محبوب، مون تو لاءِ گڏ ڪري رکيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 7:13
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

روبن ڪڻڪ جي لاباري جي ڏينهن ۾ ٻنيءَ ۾ ويو ۽ اتي لکماسکڻي جڙي ٻوٽي لڌائين، جيڪا آڻي پنهنجيءَ ماءُ لياہ کي ڏنائين. تڏهن راخل لياہ کي چيو تہ ”ڀلائي ڪري پنهنجي پٽ جي لکماسکڻيءَ مان ڪجھہ مون کي بہ ڏي.“


جيئن جھنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن ئي اي منهنجا محبوب! تون نوجوانن ۾ آهين. آءٌ بيحد خوشيءَ سان تنهنجي ڇانوَ ۾ ٿي ويهان، ۽ تنهنجو ميوو مون لاءِ ڏاڍو مٺو آهي.


تون ڏاڙهن جو باغ آهين، هڪ اهڙو باغ جيڪو عمدن ميون سان ڀريل هجي، جنهن ۾ ميندي، سنبل،


اي هوا! تون اچي گھُل. هائو، اتر ۽ ڏکڻ کان منهنجي باغ مٿان اچي گھُل. پوءِ تون هر پاسي پکڙجي وڃ، تہ جيئن منهنجي باغ جي خوشبوءِ ڦهلجي وڃي منهنجي محبوب تائين پهچي، تہ جيئن هو پنهنجي هن باغ ۾ هلي اچي، ۽ انهيءَ جا لذيذ ميوا کائي.


آءٌ اخروٽن جي باغ ۾ ويس، انهيءَ لاءِ تہ برساتي نهر وٽ وڻن کي ڏسان. هائو، آءٌ ڏسان تہ انگورن جي ولين ۾ ٻور آيو آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جھليا آهن يا نہ؟


جيئن ڀاءُ پنهنجي ماءُ جي ٿڃ ڌاتي هجي، ۽ انهيءَ جي سڳي ڀيڻ کيس کلئي عام چميون ڏيندي آهي، ڪاش! اهڙيءَ طرح جيڪڏهن تون مون کي رستي ۾ ملين ها، تہ آءٌ بہ تو کي کلئي عام چميون ڏيئي سگھان ها، ۽ ڪوبہ مون کي برو نہ چوي ها.


پر انهيءَ جي تجارت ۽ اُجوري واري رقم خداوند جي لاءِ مخصوص هوندي. اها ڪنهن بہ خزاني ۾ ميڙي گڏ ڪري نہ رکي ويندي، بلڪ انهيءَ جي تجارت جو نفعو خداوند جي عبادت ڪندڙ قوم لاءِ ئي هوندو، تان‌تہ اهي ڍءُ ڪري کائين پيئن ۽ عمدي پوشاڪ پهرين.


تنهن تي هن چين تہ ”جيڪو بہ شريعت جو عالم آسمان جي بادشاهيءَ جو شاگرد ٿئي ٿو، سو پنهنجي علم مان نيون توڙي پراڻيون ڳالهيون ائين ٿو ڪڍي، جيئن ڪو گھر جو مالڪ پنهنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“


بادشاهہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘


اوهان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوهين منهنجا شاگرد آهيو ۽ انهيءَ ڳالهہ مان منهنجي پيءُ جو جلوو ظاهر ٿئي ٿو.


هر آچر جي ڏينهن تي اوهان مان هر هڪ پنهنجي ڪمائيءَ آهر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منهنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي.


پر اهو ائين ئي ٿيو جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو ڪجھہ نہ ڪنهن اک ڏٺو آهي، نہ ڪنهن ڪن ٻڌو آهي ۽ نہ وري ڪنهن دماغ سوچيو آهي، سو خدا پنهنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي.“


ڇاڪاڻ تہ روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائي، سچائي ۽ حق سچ آهي.


اهڙيءَ طرح خدا جي عظمت ظاهر ڪرڻ ۽ سندس واکاڻ لاءِ اوهين سچائيءَ جي انهيءَ ڦل سان ڀريل رهو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي ملي ٿو.


اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا ادا ڪندا رهو.


مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو پيغام ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو خدا جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. شل سندس عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ