11 اي منهنجا محبوب! اچ، اچ تہ اسين ٻنين ۾ سير ڪريون، ۽ ڳوٺن ۾ هلي اڪيلائيءَ ۾ رات گذاريون.
11 اي منهنجا محبوب، اچ تہ ٻهراڙيءَ ۾ هلون؛ ۽ ڳوٺن ۾ هلي گذاريون.
صور شهر جا باشندا نذرانا آڻي تو آڏو حاضر ٿيندا، بلڪ قومن جا دولتمند ماڻهو تنهنجي حمايت جا طالبو ٿيندا.
مون کي پاڻ سان کڻ تہ اسين ڀڄي هلون. تون منهنجو حاڪم ٿيءُ، ۽ مون کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي هل. اسين ٻئي گڏجي خوشيون ۽ شادمانا ڪنداسين. تنهنجو پيار ايترو تہ نشو ڏيندڙ آهي، جو مئي کان بہ وڌيڪ سرور ڏئي ٿو. ڪو عجب ناهي جو سڀيئي عورتون تو تي عاشق آهن.
اي منهنجا محبوب! تون منهنجو آهين، ۽ آءٌ تنهنجي ئي آهيان، تون ئي رڳو منهنجي سوسن گلن ۾ گھُم،
اي منهنجي ڪنوار! تون لبنان جي جابلو علائقي کي ڇڏي مون وٽ هلي اچ، هائو، اتان جي امانا، سنير ۽ حرمون جبلن جي چوٽين کي، جتي غارن ۾ شينهن ۽ چيتا رهندا آهن، تن کي ڇڏي مون وٽ هلي اچ.
اي منهنجا محبوب! آءٌ تنهنجي آهيان، ۽ تون مون لاءِ ئي مشتاق آهين.
پوءِ صبح سوير اُٿي انگورن جي باغ ۾ هلون، ڏسون تہ انگورن جي ولين ٻور جھليو آهي يا نہ، باغ ۾ گل ٽڙيا آهن يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جھليا آهن يا نہ؟ اتي آءٌ تو سان پيار ڪنديس.