10 اي منهنجا محبوب! آءٌ تنهنجي آهيان، ۽ تون مون لاءِ ئي مشتاق آهين.
10 آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، هن جي خواهش مون ڏانهن آهي.
پوءِ جڏهن تون مون کي سڏ ڪندين، تہ آءٌ اتان تو کي جواب ڏيندس، تڏهن تون پنهنجي هٿ جي جڙيل مخلوق، يعني منهنجي سار لهندين.
بلڪ خداوند انهن کان ئي خوش ٿئي ٿو جيڪي کانئس ڊڄن ٿا، هائو، انهن کان جيڪي سندس دائمي رحمت ۾ اميد رکن ٿا.
جيئن تہ بادشاهہ تنهنجو ڌڻي آهي، سو تو کي سندس فرمانبرداري ڪرڻ کپي. هو تنهنجي سونهن جو مشتاق ٿيندو.
اي منهنجا محبوب! تون منهنجو آهين، ۽ آءٌ تنهنجي ئي آهيان، تون ئي رڳو منهنجي سوسن گلن ۾ گھُم،
آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، ۽ منهنجو محبوب منهنجو ئي آهي. هو پنهنجو ڌڻ سوسن گلن ۾ پيو چاري.
اي منهنجا محبوب! اچ، اچ تہ اسين ٻنين ۾ سير ڪريون، ۽ ڳوٺن ۾ هلي اڪيلائيءَ ۾ رات گذاريون.
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڏس، آءٌ هڪڙي ڌڪ سان تنهنجي دل جي پياري تو کان کسي وٺندس، پر انهيءَ لاءِ نہ تون ڪو سوڳ ڪجانءِ ۽ نہ وري روئي ڳوڙها ڳاڙجانءِ.
اي بابا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجو اهو جلوو ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.
ڏسو، جنهن خدا جو آءٌ ٻانهو آهيان ۽ جنهن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنهن جو ملائڪ رات منهنجي ڀرسان ظاهر ٿيو
هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيئرو نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آهي. هاڻي جيڪا زندگي آءٌ هن جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.