8 بادشاهہ وٽ ڪيتريون ئي راڻيون، سريتون ۽ هزارين ٻيون ڪنواريون ڀلي ڇو نہ هجن،
8 سٺ راڻيون، ۽ اسي سريتون، ۽ بيشمار ڪنواريون ڇوڪريون آهن.
بادشاهہ سليمان فرعون جي ڌيءَ کان سواءِ ٻين بہ گھڻين ڌارين عورتن سان پيار ڪندو هو جن ۾ موآبي، عموني، ادومي، صيداني ۽ حتي عورتون شامل هيون.
هن کي ست سؤ زالون هيون جيڪي شهزاديون هيون ۽ ٽي سؤ سريتيون هئس. هن جي زالن سندس دل کي ڦيرائي ڇڏيو.
هن کي جملي ارڙهن زالون ۽ سٺ سريتون هيون، جن مان کيس اٺاويهہ پٽ ۽ سٺ ڌيئر ڄايون. رحبعام پنهنجين سڀني زالن ۽ سريتن کان وڌيڪ ابيسلوم جي ڌيءَ معڪہ سان محبت ڪندو هو.
کيس ڀرت ڀريل پوشاڪ ڍڪائي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ٿو وڃي. سندس پٺيان جيڪي نوجوان سهيليون آهن، سي بہ ساڻس گڏ اچن ٿيون.
تنهنجي درٻار جي عورتن ۾ بادشاهزاديون پڻ آهن. نج سون سان سينگاريل تنهنجي ڪنوار تنهنجي ساڄي پاسي بيٺي آهي.
تنهنجي خوشبوءِ ايڏي تہ مٺڙي آهي، جو گھڻيون ئي ڪنواريون تو تي فدا آهن. تنهنجي نالي جو ذڪر ائين آهي، جيئن عطر ڦهليل هجي.
انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.