Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 6:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اي منهنجي محبوبہ! تون ڪيڏي نہ حسين آهين. تون ترضہ شهر جهڙي سهڻي، ۽ يروشلم شهر جهڙي وڻندڙ آهين. تنهنجي سونهن منهنجي اندازي کان بہ وڌيڪ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 اي منهنجي پياري تون ترضاہ جهڙي سهڻي، ۽ يروشلم جهڙي خوبصورت آهين، ۽ خوفناڪ اهڙي آهين جهڙو جهنڊن سان لشڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 6:4
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يربعام جي زال اُٿي رواني ٿي ۽ ترضہ شهر ۾ موٽي آئي. جيئن ئي هن پنهنجي گھر جي چائنٺ تي پير رکيو تہ ڇوڪرو مري ويو.


جڏهن بادشاهہ بعشا اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن رامہ شهر کي ڪوٽ ڪڍائڻ ڇڏي ڏنائين ۽ ترضہ شهر ڏانهن موٽي ويو.


يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ٽئين سال ۾ بعشا ولد اخياہ ترضہ شهر ۾ اسرائيل ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، هن اٽڪل چوويهہ سال بادشاهي ڪئي.


سو انهيءَ عظيم بادشاهہ جو شهر آهي. بلڪ صيئون جبل ئي خدا جو گھر آهي. اهو جبل بلنديءَ ۾ خوشنما، ۽ سڄي ڌرتيءَ جي خوشيءَ جو باعث آهي.


انهيءَ شهر جي ڪوٽن اندر، خدا پاڻ کي جاءِ‌پناهہ ثابت ڪيو آهي.


صيئون جيڪو پنهنجي سونهن ۾ ڪامل آهي، تنهن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيو آهي.


اي منهنجي پياري! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين، ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجيون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.


اي يروشلم جون عورتون! بيشڪ آءٌ رنگ جي سانوري آهيان پر حسين آهيان. هائو، اهڙي سانوري جهڙا قيدار جا بياباني تنبو، پر اهڙي سهڻي جهڙا سليمان جي محل جا پردا.


اي محبوبہ! تون انهيءَ ڪبوتريءَ جهڙي آهين، جيڪا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀي ٽڪريءَ جي اوٽ ۾ لڪي ٿي. مون کي پنهنجو ديدار ڪراءِ، مون کي پنهنجو آواز ٻڌاءِ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجو آواز ڏاڍو مٺڙو آهي، ۽ تنهنجو چهرو ڏاڍو پيارو آهي.


اي منهنجي محبوبہ! تون مٿي کان پيرن تائين حسن ئي حسن آهين، تو ۾ ڪوبہ عيب ڪونهي.


آءٌ ستي پيئي هئس، پر منهنجي دل جاڳي رهي هئي. مون خواب ۾ ڏٺو تہ منهنجو محبوب آيو آهي، ۽ دروازو کڙڪائي چوي ٿو تہ ”اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! اي منهنجي ڪبوتري! اي منهنجي بي‌عيب ۽ بي مثال محبوبہ! دروازو کول، ڇاڪاڻ تہ منهنجا زلف رات جي ماڪ جي ڦڙن سان آلا ٿي پيا آهن.“


”اها ڪير آهي، جيڪا صبح جهڙي روشن ٿي ڏسجي؟ اها چنڊ جهڙي حسين ۽ سج جهڙي تجليدار آهي، جنهن جي سونهن اسان جي اندازي کان بہ وڌيڪ آهي.“


هاڻ اي پيارا يروشلم! تو وٽان لنگھندڙ سڀيئي ماڻهو ڪنڌ لوڏي تو تي ٺٺوليون ٿا ڪن. اهي طعنا هڻندي ۽ تنهنجي برباديءَ تي کلندي چون ٿا تہ ”ڇا هي اهو ئي شهر نہ آهي، جنهن کي ماڻهو تمام سهڻو شهر، ۽ دنيا جو فخر ڪري سڏيندا هئا؟“


ڇاڪاڻ تہ اسان جي ويڙهہ جا هٿيار دنياوي نہ، پر خدائي طاقت وارا آهن. انهن سان اسين مضبوط قلعن کي بہ ڊاهيو ٿا وجھون،


هن جو مقصد هو تہ هڪڙي اهڙي شاندار ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا اهڙي ڪا ٻي شيءِ نہ هجي، بلڪ اها پاڪ ۽ بي‌عيب هجي.


مون پاڪ شهر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ