Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 5:5 - Muslim Sindhi Bible

5 آءٌ اٿيس تہ جيئن پنهنجي محبوب لاءِ دروازو کوليان، تہ منهنجي هٿن مان مُر جا ڦڙا ڪرڻ لڳا. هائو، منهنجي آڱرين مان پٽڙي مُر وهڻ لڳي، ۽ دروازي جي هٿئي تي وڃي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 آءٌ پنهنجي محبوب کي در پٽي ڏيڻ لاءِ اُٿيس: ۽ منهنجن هٿن مان مر جا ڦڙا پئي ڪِريا، ۽ منهنجن آڱرين مان پٽڙي مر ڪري تاڙيءَ جي هٿين تي پئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 5:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا محبوب! تون ڪيڏو نہ حسين آهين. هاءِ! تون ڪيڏو نہ دلپسند آهين! اسان جو پلنگ سرسبز گاهہ ٿيندو،


اهو ڪير آهي، جيڪو بيابان مان دونهين جي ڪڪر وانگر پيو اچي، جيڪو مُر ۽ لوبان سان، ۽ سوداگرن جي وڪرو ڪيل هر طرح جي خوشبوءِ سان معطر آهي؟


هن جي ڳلن مان اهڙي تہ خوشبوءِ پئي اچي، جهڙي خوشبودار مصالحن سان ڀريل هڪڙي باغ مان ايندي آهي. هن جا چپ سوسن جي گلن جهڙا آهن، جن مان خالص مُر پيئي ٽمي.


آءٌ ستي پيئي هئس، پر منهنجي دل جاڳي رهي هئي. مون خواب ۾ ڏٺو تہ منهنجو محبوب آيو آهي، ۽ دروازو کڙڪائي چوي ٿو تہ ”اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! اي منهنجي ڪبوتري! اي منهنجي بي‌عيب ۽ بي مثال محبوبہ! دروازو کول، ڇاڪاڻ تہ منهنجا زلف رات جي ماڪ جي ڦڙن سان آلا ٿي پيا آهن.“


اوهين پاڻ کي انهن سجاڳ نوڪرن وانگر بڻايو، جيڪي پنهنجي مالڪ لاءِ اکيون در ۾ اٽڪايو ويٺا واٽ نهارين تہ جڏهن سندن مالڪ شاديءَ جي دعوت تان موٽي اچي در کڙڪائي تہ هڪدم هن لاءِ در کولين.


اسان کي نہ رڳو هن جي اچڻ ڪري تسلي ملي، پر انهيءَ تسليءَ جي ڪري بہ جيڪا هن کي اوهان کان ملي هئي. هن اسان کي ٻڌايو تہ اوهين مون کي ڏسڻ لاءِ ڪيڏو نہ شوق رکو ٿا، ڪيل ڪمن تي پڇتاءُ اٿوَ ۽ هاڻي مون سان وفاداريءَ جو وڏو جذبو رکو ٿا. تڏهن مون کي اڃا بہ وڌيڪ خوشي ٿي.


۽ ايمان رکڻ جي وسيلي مسيح اوهان جي دلين ۾ گھر ڪري. اها دعا آءٌ انهيءَ ڪري گھران ٿو تہ جيئن اوهين محبت ۾ پاڙ ڄمائي انهيءَ جي بنياد تي زندگي گذاريو.


ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيهي کڙڪايان ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي وٽس ويندس ۽ اسين ٻيئي گڏجي ماني کائينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ