Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 5:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هن جون ٻانهون اهڙيون تہ آهن، جو ڄڻ تہ سونين شاخن تي هيرا جواهر جڙيل هجن. هن جو بدن ڄڻ تہ عاج جو ٺهيل آهي، جنهن تي نيلم جا گل لڳل هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 هن جا هٿ سون جي منڊين وانگر آهن، جن ۾ فيروزا جڙيل هجن: هن جو بدن عاج جي ڪم جهڙو آهي، جنهن تي نيلم لڳل هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 5:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نج سون سان بہ ان جو ملهہ نہ ٿو ڪٿي سگھجي، نڪي قيمتي سليماني پٿر يا نيلم سان.


اسان جو طاقتور بادشاهہ انصاف کي پسند ڪري ٿو، ۽ سچائيءَ کي سدائين قائم رکي ٿو. هائو، هن بني اسرائيل ۾ عدل ۽ انصاف کي قائم ڪيو آهي.


اي خداوند! تنهنجو هٿ طاقت ۾ اعليٰ آهي، اي خداوند! تنهنجي زورآور هٿ دشمن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو.


انهن بني اسرائيل جي خدا کي ڏٺو. سندس پيرن جي هيٺان ڄڻ تہ نيلم جي پٿر جهڙو فرش لڳل هو، اهو اهڙو تہ صاف هو جهڙو آسمان.


ٻيءَ قطار ۾ زمرد، نيلم ۽ هيرو هجي.


چوٿينءَ قطار ۾ فيروزو، سليماني پٿر ۽ زبرجد هجي. اهي سون جي خانن ۾ جڙيا وڃن.


۽ چوٿينءَ قطار ۾ فيروزو، سليماني پٿر ۽ زبرجد. اهي سون جي خانن ۾ جڙيل هئا.


انهن جي وچ ۾ مئي جو هڪ گول پيالو آهي، جنهن ۾ خوشبودار مئي ڀريل آهي. تنهنجو پيٽ ڪڻڪ جي ڍڳ جهڙو آهي، جنهن جي آس‌پاس سوسن گل رکيل هجن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، منهنجو ٻانهو ڪامياب ٿيندو. هو سرفراز ۽ سربلند ڪيو ويندو، ۽ وڏي درجي کي رسندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي مصيبت ۽ طوفان جي ماريل يروشلم جي وسندي! جيڪا امن وَ سڪون کان محروم آهين، ڏس، آءٌ قيمتي پٿر جَڙي وري تو کي اڏيندس. آءٌ تنهنجا بنياد نيلم جا،


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


اهي چار ئي ڦيٿا بلڪل هڪجهڙا هئا ۽ قيمتي پٿر جيان چمڪي رهيا هئا. انهن جي بناوٽ اهڙي هئي ڄڻ تہ هر هڪ ڦيٿي جي وچ ۾ ٻيو ڦيٿو پيل هجي.


هن جو بدن هيري جهڙو تجليدار هو ۽ منهن وڄ جي شعلي جيان چمڪندڙ هئس. سندس اکيون ٻرندڙ مشعلن جهڙيون هيون ۽ سندس ٻانهون ۽ پير چمڪندڙ پتل جهڙا هئا. هن جي ڳالهائڻ جو آواز وڏي انبوہ جي گوڙ جهڙو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ