Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 4:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اي منهنجي محبوبہ! تون مٿي کان پيرن تائين حسن ئي حسن آهين، تو ۾ ڪوبہ عيب ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 اي منهنجي پياري، تون بلڪل خوبصورت آهين، ۽ تو ۾ ڪوبہ عيب ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 4:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ بادشاهہ تنهنجو ڌڻي آهي، سو تو کي سندس فرمانبرداري ڪرڻ کپي. هو تنهنجي سونهن جو مشتاق ٿيندو.


بيشڪ بادشاهہ جي ڪنوار، جيڪا محلات جي اندر پنهنجي ڪمري ۾ آهي، سا ڪيڏي نہ حسن‌سراپا آهي! کيس شاديءَ جي زربفت پوشاڪ پهريل آهي.


اي منهنجي پياري! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين، ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجيون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.


اي منهنجي محبوبہ! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين! واہ! تون ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجي نقاب پٺيان تنهنجيون اکڙيون، ڄڻ ڪبوترين جون اکيون آهن. تنهنجا وار ائين ٿا جھُومن، جيئن ڪو ٻڪرين جو ڌڻ جِلعاد جبل تان لهي رهيو هجي.


هن جا چپ چمڻ سان بيحد مٺا ٿا لڳن. هو مٿي کان پيرن تائين پيار ئي پيار آهي. اي يروشلم جون عورتون! اهو آهي منهنجو محبوب، اهو آهي منهنجو پيارو.


آءٌ ستي پيئي هئس، پر منهنجي دل جاڳي رهي هئي. مون خواب ۾ ڏٺو تہ منهنجو محبوب آيو آهي، ۽ دروازو کڙڪائي چوي ٿو تہ ”اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! اي منهنجي ڪبوتري! اي منهنجي بي‌عيب ۽ بي مثال محبوبہ! دروازو کول، ڇاڪاڻ تہ منهنجا زلف رات جي ماڪ جي ڦڙن سان آلا ٿي پيا آهن.“


اي بني يعقوب! اوهان جا خيما ڪيڏا نہ چڱا آهن، اي بني اسرائيل! اوهان جي رهائش‌گاهہ ڪيڏي نہ سٺي آهي!


پر هاڻي هن مسيح جي جسماني موت جي وسيلي اوهان جو پاڻ سان رابطو بحال ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي پاڪ، بي‌عيب ۽ بي‌الزام بڻائي پنهنجي حضور ۾ حاضر ڪري.


سو اي عزيزؤ! جيئن تہ اوهين انهيءَ انتظار ۾ آهيو، تڏهن پوريءَ دل سان ڪوشش ڪندا رهو تہ خدا سان ميل ميلاپ جي حالت ۾ اوهين سندس آڏو بي‌داغ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


خدا، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري حضور ۾ بي‌عيب ۽ خوشيءَ سان معمور ڪري بيهاري سگھي ٿو


مون پاڪ شهر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ