Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 4:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تنهنجيون ٻئي ڇاتيون هرڻيءَ جي انهن ٻن جاڙن ٻچن جهڙيون آهن، جيڪي سوسن جي گلن ۾ چرندا هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تنهنجون ٻہ ڇاتيون هرڻيءَ جي ٻن جاڙن ٻٺڙن جهڙيون آهن، جي سوسن جي گلن ۾ چرندا هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 4:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها اوهان لاءِ بلڪل هرڻيءَ وانگر خوبصورت ۽ دلپسند آهي ۽ سندس بدن اوهان جي من کي موهيندڙ آهي. اوهين هميشہ انهيءَ جي ئي محبت ۾ مست رهو.


اي منهنجا محبوب! تون منهنجي لاءِ مُر جي عطر جهڙو آهين، جيڪو منهنجي ڇاتين جي وچ ۾ لڳل هوندو آهي.


اي منهنجا محبوب! تون منهنجو آهين، ۽ آءٌ تنهنجي ئي آهيان، تون ئي رڳو منهنجي سوسن گلن ۾ گھُم،


منهنجو محبوب پنهنجي خوشبوءِ واري باغ ڏانهن هليو آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اتي هو پنهنجيون رڍون چاري، ۽ سوسن جا گل ميڙي انهن مان خوشبوءِ جو مزو ماڻي.


آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، ۽ منهنجو محبوب منهنجو ئي آهي. هو پنهنجو ڌڻ سوسن گلن ۾ پيو چاري.


تنهنجيون ٻئي ڇاتيون هرڻيءَ جي ٻچن جهڙيون آهن، هائو، هرڻيءَ جي ٻن جاڙن ٻچن جهڙيون.


تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀي جهڙي آهي، تنهنجيون اکيون حشبون شهر جي انهن تلائن جهڙيون آهن، جيڪي بيت‌ربيم جي دروازي وٽ آهن. تنهنجو نڪ لبنان جي مناري جهڙو آهي، جنهن جو رخ دمشق ڏانهن آهي.


تنهنجي بيهڪ کجيءَ جي وڻ جهڙي آهي. تنهنجيون ڇاتيون کارڪن جي گوشن مثل آهن.


جيئن ڀاءُ پنهنجي ماءُ جي ٿڃ ڌاتي هجي، ۽ انهيءَ جي سڳي ڀيڻ کيس کلئي عام چميون ڏيندي آهي، ڪاش! اهڙيءَ طرح جيڪڏهن تون مون کي رستي ۾ ملين ها، تہ آءٌ بہ تو کي کلئي عام چميون ڏيئي سگھان ها، ۽ ڪوبہ مون کي برو نہ چوي ها.


اي ڀائرؤ! ڀلي تہ آءٌ هڪڙي ڀت آهيان، پر اڳي ئي منهنجيون ڇاتيون انهيءَ ڀت جا منارا آهن. تنهنڪري مون کي دلجاءِ آهي تہ مون سان گڏ رهڻ ۾ منهنجو محبوب خوش ۽ مطمئن آهي.


انهن جي بدران جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير جا طلبگار ٿا ٿين، تيئن اوهين بہ خدا جي فرمانن وارين نج ڳالهين جا طلبگار ٿيندا تہ انهن جي وسيلي مڪمل ڇوٽڪاري ڏانهن وڌندا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ