Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 4:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تنهنجي ڳچي دائود جي مناري وانگر آهي، جيڪو ماهر ڪاريگر جي هٿان ٺاهيو ويو آهي. تون هار پائڻ سان ائين ٿي لڳين، جو ڄڻ تہ انهيءَ مناري جي چوڌاري هزارين ڍالون لٽڪايون ويون هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 تنهنجي ڳچي دائود جي ٺلهہ وانگر آهي، جو هٿيارن جي رکڻ لاءِ جوڙيو ويو هجي جنهن تي هزار سپرون ۽ پهلوان ماڻهن جون سڀ ڍالون ٽنگيل هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 4:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي جِلبوعہ جا جبلؤ! اي موت جا پهاڙؤ! شل اوهان تي نہ ڪڏهن ماڪ پوي نہ وري مينهن وسي، شل نذرانن جي شين واريون نڪي پوکون ئي ٿين، ڇوجو اوهان تي بهادرن جون ڍالون اڇلائي ڦٽو ڪيون ويون. انهن ۾ سائول جي ڍال بہ هئي، افسوس! جنهن تي هاڻي تيل مکڻ وارو ناهي.


تو پنهنجي هن مخصوص ڪيل بادشاهہ کي عظيم سوڀون بخشيون آهن، هائو، پنهنجي دائمي شفقت هن مسح ڪيل کي ڏيکاري اٿيئي، يعني مون دائود کي ۽ منهنجي نسل کي، هميشہ هميشہ لاءِ.“


انهيءَ کان پوءِ عيزر ولد يشوع جيڪو مصفاہ جو حاڪم هو، تنهن اسلحہ‌خاني جي چاڙهيءَ جي سامهون کان وٺي ويندي ڀت جي وراڻي تائين واري حصي جي مرمت ڪرائي.


شال اسان جا پٽ پنهنجي جوانيءَ ۾ وڌندڙ وڻن جيان ٿين! شال اسان جون ڌيئرون انهن نقشدار ٿنڀن جيان ٿين، جيڪي هيڪل ۾ لڳل آهن!


تنهنجا ڳل تنهنجي نٿ جي لَڙهين سان ۽ تنهنجي ڳچي هيرن جواهرن سان ڪيڏي نہ سهڻي ٿي لڳي!


تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀي جهڙي آهي، تنهنجيون اکيون حشبون شهر جي انهن تلائن جهڙيون آهن، جيڪي بيت‌ربيم جي دروازي وٽ آهن. تنهنجو نڪ لبنان جي مناري جهڙو آهي، جنهن جو رخ دمشق ڏانهن آهي.


تنهنجو مٿو ڪرمل جبل جيان بلند آهي. تنهنجي مٿي جا وار ايترا تہ ڪارا ۽ چمڪندڙ آهن، جو بادشاهہ بہ انهن کي ڏسي تنهنجو اسير بڻجي وڃي.


اي ڀائرؤ! ڀلي تہ آءٌ هڪڙي ڀت آهيان، پر اڳي ئي منهنجيون ڇاتيون انهيءَ ڀت جا منارا آهن. تنهنڪري مون کي دلجاءِ آهي تہ مون سان گڏ رهڻ ۾ منهنجو محبوب خوش ۽ مطمئن آهي.


هاڻ تون اي يروشلم! جنهن ۾ آءٌ خدا پنهنجيءَ قوم جي ائين سنڀال ڪندس، جيئن ريڍار ٺُلهہ تي ويهي پنهنجي ڌڻ جو پهرو ڏيندو آهي، تون ئي هڪ دفعو وري بادشاهہ جي گاديءَ جو شهر بڻبين.“


اهو ماڻهو بدن جي مٿي يعني مسيح سان پنهنجو لاڳاپو وڃائي ويهي ٿو، جنهن جي ڪري ئي سڄو بدن سنڌن ۽ نسن جي وسيلي پرورش پائي پاڻ ۾ ڳنڍيل رهي ٿو ۽ خدا جي وڌائڻ سان وڌندو ٿو وڃي.


اوهين خدا جي قدرت سان ايمان جي وسيلي حفاظت ۾ آهيو، ايستائين جو اهو مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪريو جيڪو آخري ڏينهن تي ظاهر ٿيڻ لاءِ تيار آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ