Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 4:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! تون هڪ اهڙو باغ ۽ اهڙو چشمو آهين، جيڪو ٻين سڀني لاءِ بند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، بند ٿيل باغ، يا بند ٿيل چشمو يا مهر ٿيل حوض آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 4:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن سڀيئي ڌڻ اچي اتي گڏ ٿيندا هئا تڏهن ريڍار انهيءَ پٿر کي کوهہ جي منهن تان سوري رڍن کي پاڻي پيئاريندا هئا. پوءِ وري اهو پٿر انهيءَ ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيندا هئا.


اي منهنجي مٺڙي! اي منهنجي ڪنوار! هاءِ هاءِ تنهنجي نيڻن جي نظاري ۽ تنهنجي هار جي تجلي، منهنجي دل کسي ورتي آهي.


آءٌ اخروٽن جي باغ ۾ ويس، انهيءَ لاءِ تہ برساتي نهر وٽ وڻن کي ڏسان. هائو، آءٌ ڏسان تہ انگورن جي ولين ۾ ٻور آيو آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جھليا آهن يا نہ؟


منهنجو محبوب پنهنجي خوشبوءِ واري باغ ڏانهن هليو آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اتي هو پنهنجيون رڍون چاري، ۽ سوسن جا گل ميڙي انهن مان خوشبوءِ جو مزو ماڻي.


آءٌ خداوند هميشہ اوهان جي رهنمائي ڪندس، ۽ رڻ‌پٽ ۾ بہ اوهان کي ڍاول رکندس. آءٌ اوهان کي مضبوط ۽ تندرست ڪندس. هائو، آءٌ اوهان کي اهڙي باغ وانگر ڪندس، جنهن کي جھجھو پاڻي ملندو هجي. اوهين اهڙي چشمي وانگر ٿيندا، جنهن جو پاڻي ڪڏهن بہ نہ ٿو سُڪي.


سو هو ايندا، ۽ صيئون جبل جي چوٽيءَ تي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا، ڇوجو منهنجي ڏنل هنن نعمتن جي ڪري بيحد خوش هوندا: اناج، مئي، زيتون جو تيل، رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جا ڌڻ. هو سرسبز باغ جيان ٿيندا ۽ کين وري ڏک نہ پهچندو.


اچو تہ خداوند سان رابطو رکي سندس وڌ کان وڌ طالبو ٿيون، هائو، هو يقيناً اسان وٽ ايندو، جيئن روزانو صبح جو سج نڪري ٿو. هو برسات وانگر اسان وٽ اچي ڪڙڪندو، هائو، بهار جي برسات وانگر، جيڪا زمين کي ريج ڏيو ڇڏي.


بيشڪ، ”کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ ۽ خدا ٻنهي کي ختم ڪري ڇڏيندو.“ پر انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ بدن زناڪاريءَ لاءِ آهي. اهو تہ خداوند عيسيٰ جي خدمت لاءِ آهي ۽ هو ئي انهيءَ جو مالڪ آهي.


سو هن جو ڌيان ورهايل رهي ٿو. ساڳيءَ طرح اڻ‌پرڻيل يا ڪنواري عورت خداوند عيسيٰ جي ڳالهين جي فڪر ۾ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن جسم ۽ روح جي لحاظ کان هن لاءِ مخصوص ۽ پاڪ رهي. جڏهن تہ پرڻيل عورت کي دنياوي فڪر بہ رهي ٿو تہ هوءَ ڪيئن مڙس کي راضي رکي.


هن ئي اسان جي دلين تي پنهنجي مالڪيءَ جي مُهر هنئي آهي. اها مُهر پاڪ روح آهي، جيڪو اسان جي دلين ۾ وجھي هن پنهنجي واعدن جو بيانو ادا ڪيو آهي.


اوهين غير يهودي بہ مسيح جا ٿيا جڏهن اوهان سچائيءَ جو پيغام يعني خوشخبري ٻڌي مسيح تي ايمان آندو ۽ اها خوشخبري اوهان لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻي. اهڙيءَ طرح خدا پنهنجو واعدو پورو ڪندي اوهان کي بہ پاڪ روح عطا ڪيو، جيڪو سندس مالڪيءَ جي مُهر آهي.


انهيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جيڪو انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.


انهيءَ شهر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.


”جيستائين اسين پنهنجي خدا جي ٻانهن جي پيشانين تي مُهر نہ هڻون، تيستائين اوهين نہ زمين، نڪي سمنڊ ۽ نہ وري وڻن کي نقصان رسائجو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ