راڳن جو راڳ 3:6 - Muslim Sindhi Bible6 اهو ڪير آهي، جيڪو بيابان مان دونهين جي ڪڪر وانگر پيو اچي، جيڪو مُر ۽ لوبان سان، ۽ سوداگرن جي وڪرو ڪيل هر طرح جي خوشبوءِ سان معطر آهي؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 اهو ڪير آهي جو بيابان مان دونهين جي ٿنڀن وانگر، خوشبودار ۽ مر ۽ لوبان سان، سوداگرن جي سڀني شين سان ڀريل ٿو اچي؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.