راڳن جو راڳ 3:10 - Muslim Sindhi Bible10 انهيءَ جي ٿنڀن تي چاندي چڙهيل آهي، ۽ ڇت سون سان ڍڪيل اٿس. انهيءَ جي ويهڻ واري گدي واڱڻائي رنگ جي آهي. انهيءَ پالڪيءَ جو اندريون سينگار نهايت دل وَ جان سان ڪيو ويو آهي. اي يروشلم جون عورتون! ٻاهر نڪري اچو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 هن انهيءَ جا ٿنڀ چانديءَ جا جوڙايا، ۽ انهيءَ جو ترو سون جو، انهيءَ جي ويهڻ جي جاءِ واڱڻائي رنگ جي هئي، ۽ انهيءَ جي وچ جي فرشبندي يروشلم جي ڌيئرن جي محبت سان ڪئي ويئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي خدا جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي خدا وٽان آسمان کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.