Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 2:8 - Muslim Sindhi Bible

8 آءٌ پنهنجي محبوب جو آواز ٻڌان ٿي، ڏسو، هو جبلن مٿان ڊوڙندو، ۽ ٽڪرين کي اورانگھيندو، مون ڏانهن اچي رهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اِجهو منهنجي محبوب جو آواز! ڏس، هو جبلن تان ٽپندو ۽ ٽڪرن تان ڊوڙندو اچي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 2:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن ئي خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر يروشلم ۾ آئي، تيئن ئي سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ جڏهن هن دائود بادشاهہ کي خداوند جي حضور ۾ نچندو ٽپندو ڏٺو تڏهن سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت ٿيڻ لڳي.


جيستائين صبح جي ٿڌڙي هير گھلي، ۽ رات جي اونداهي گم ٿي وڃي. پوءِ ڀلي موٽي وڃ. تون انهيءَ هرڻ يا جوان ڄانگھي جيان ڇال ڏيندو وڃ، جيڪو باتر جي جبلن ۾ رهي ٿو.


اي هوا! تون اچي گھُل. هائو، اتر ۽ ڏکڻ کان منهنجي باغ مٿان اچي گھُل. پوءِ تون هر پاسي پکڙجي وڃ، تہ جيئن منهنجي باغ جي خوشبوءِ ڦهلجي وڃي منهنجي محبوب تائين پهچي، تہ جيئن هو پنهنجي هن باغ ۾ هلي اچي، ۽ انهيءَ جا لذيذ ميوا کائي.


آءٌ ستي پيئي هئس، پر منهنجي دل جاڳي رهي هئي. مون خواب ۾ ڏٺو تہ منهنجو محبوب آيو آهي، ۽ دروازو کڙڪائي چوي ٿو تہ ”اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! اي منهنجي ڪبوتري! اي منهنجي بي‌عيب ۽ بي مثال محبوبہ! دروازو کول، ڇاڪاڻ تہ منهنجا زلف رات جي ماڪ جي ڦڙن سان آلا ٿي پيا آهن.“


تڏهن منڊا ماڻهو هرڻ وارا ڇال ڏيندا، ۽ گونگا خوشيءَ وچان نعرا هڻندا. بيابان مان چشما ڦٽي نڪرندا، ۽ رڻ‌پٽ منجھان نديون وهڻ لڳنديون.


اي آسمانؤ! خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند هي سڀ ڪيو آهي. اي ڌرتيءَ جون اونهايون! اوهين نعرا هڻو. اي جبل پهاڙؤ! ۽ اي ٻيلي جا هر هڪ وڻ! اوهين خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل کي بچائي پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي آهي.


ڏسو، ڪيڏو نہ خوبصورت نظارو آهي، جو خوشخبري ڏيندڙ جبلن تان لهي اچي يروشلم وارن کي اعلان ڪري ٻڌائي ٿو تہ ”ٻڌو، اوهان لاءِ ڀلائيءَ جي خوشخبري آهي، اوهين بچايا ويا آهيو. هاڻي اوهين امن وَ سلامتيءَ سان رهندا، ڇاڪاڻ تہ هاڻي اوهان جو خدا پاڻ بادشاهي ٿو ڪري.“


اي موآب وارؤ! ڇا خداوند جي قوم اوهان جي لاءِ کل ٺٺوليءَ جو باعث ڪين هئي؟ انهيءَ قوم کي چورن سان گڏ ڏٺو ويو هو ڇا، جو اوهين جيترا ڀيرا هن جو ذڪر ٿا ڪريو اوترا ڀيرا اوهين منهن کي موڙو ٿا ڏيو؟


انهيءَ ڏينهن اوهين سرها ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو عرش عظيم تي اوهان لاءِ وڏو اجر آهي. ڏسو، انهن ماڻهن جي ابن ڏاڏن بہ نبين سان اهڙا ئي پير کنيا هئا.


آءٌ پنهنجي رڍن کي ڄاڻان ٿو. اهي منهنجو آواز ٻڌي منهنجي پٺيان هلن ٿيون.


گھوٽ اهو آهي جنهن جي ڪنوار آهي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي ٿو، سو انهيءَ تي ئي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انهيءَ گھوٽ جو دوست آهيان ۽ هاڻي منهنجي خوشي پوري ٿي آهي.


سو کيس وڏي آواز سان چيائين تہ ”پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ.“ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ گھمڻ لڳو.


هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. پوءِ هو گھمندو، ٽپا ڏيندو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو انهن سان گڏ هيڪل ۾ ويو.


ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيهي کڙڪايان ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي وٽس ويندس ۽ اسين ٻيئي گڏجي ماني کائينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ