اي يروشلم جون جوان عورتون! آءٌ اوهان کي نازڪ هرڻين، ۽ ميدان جي ڄانگھن جو قسم ٿي ڏيان تہ مون سان واعدو ڪريو تہ جيستائين اسين پيار ۾ مشغول هجون، تيستائين اوهين اسان جي پيار ۾ رخنو نہ وجھنديون.
خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي، هو سوڀ ڏيڻ جي وڏي سگھہ رکي ٿو. هو تو مان گھڻو شادمان ۽ خوش ٿيندو، هو پنهنجي محبت وچان تو کي وري بحال ڪندو، ۽ تو تي خوش ٿي ڳائيندو.“