تو هن جي، سندس ڪٽنب جي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي، تنهن سڀ جي هميشہ حفاظت نہ پئي ڪئي آهي ڇا؟ تو هن جي هٿن جي ڪم ۾ برڪت وڌي آهي ۽ هن جي ڍورن ڍڳن کي پوري ملڪ ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿيئي.
يقيناً تنهنجي بارگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن ٻئي هنڌ جي هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بدڪارن جي شاندار خيمن ۾ رهڻ کان، تو خدا جي گھر جو دربان ٿيڻ مون کي وڌيڪ پسند آهي.