Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 2:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اي منهنجا محبوب! تون منهنجو آهين، ۽ آءٌ تنهنجي ئي آهيان، تون ئي رڳو منهنجي سوسن گلن ۾ گھُم،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 منهنجو محبوب منهنجو آهي، ۽ آءٌ سنديس آهيان: هو پنهنجو گلو سوسن ۾ ٿو چاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 2:16
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”خدا هميشہ هميشہ تائين اسان جو خدا آهي، اهو ئي دنيا جي آخر تائين اسان جو هادي رهندو.“


اي خدا! تون منهنجو خدا آهين. آءٌ دل سان تنهنجو طالبو آهيان، انهيءَ خشڪ ۽ پياسي زمين جيان، جيڪا پاڻيءَ لاءِ سِڪندي هجي. منهنجي جان تنهنجي پياسي ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي.


اي منهنجا محبوب! مون کي ٻڌاءِ. تون پنهنجو ڌڻ ڪٿي چاريندو آهين؟ ۽ ٽاڪ منجھند جو پنهنجي ڌڻ کي آرام لاءِ ڪٿي ٿو ويهارين؟ ٻڌاءِ، ڇاڪاڻ تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ تو کي ڳوليندي تنهنجي سنگتين جي ڌڻن ڀرسان رلندي وتان.


آءٌ تہ ميدان جي رڳو جھنگلي گل مثل آهيان. هائو، آءٌ ڄڻ تہ پهاڙي ماٿرين جو سوسن گل آهيان.


تنهنجيون ٻئي ڇاتيون هرڻيءَ جي انهن ٻن جاڙن ٻچن جهڙيون آهن، جيڪي سوسن جي گلن ۾ چرندا هجن.


منهنجو محبوب پنهنجي خوشبوءِ واري باغ ڏانهن هليو آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اتي هو پنهنجيون رڍون چاري، ۽ سوسن جا گل ميڙي انهن مان خوشبوءِ جو مزو ماڻي.


آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، ۽ منهنجو محبوب منهنجو ئي آهي. هو پنهنجو ڌڻ سوسن گلن ۾ پيو چاري.


اي منهنجا محبوب! آءٌ تنهنجي آهيان، ۽ تون مون لاءِ ئي مشتاق آهين.


اي منهنجا محبوب! اچ، اچ تہ اسين ٻنين ۾ سير ڪريون، ۽ ڳوٺن ۾ هلي اڪيلائيءَ ۾ رات گذاريون.


اي منهنجا محبوب! سرور ڏيندڙ گلن جي خوشبوءِ هوا ۾ ڦهلجي ويئي آهي. اسان جي باغ جي دروازي وٽ هر طرح جا عمدا ميوا آهن. انهيءَ باغ جا تازا توڙي خشڪ ميوا، مون تو لاءِ گڏ ڪري رکيا آهن.


اهو نئون عهد هي آهي، جيڪو آءٌ بني اسرائيل سان ان وقت ٻڌندس: آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي ذهنن ۾ وجھندس ۽ سندن دلين تي پڻ لکي ڇڏيندس. آءٌ هنن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“


هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيئرو نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آهي. هاڻي جيڪا زندگي آءٌ هن جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ