Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 2:12 - Muslim Sindhi Bible

12 ڌرتيءَ تي گلن بهار لاتي آهي، گيتن ڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي. ڏس، هر هنڌ ڳيرين جو آواز پيو ٻڌجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 زمين تي گل نڪتا آهن؛ پکين جي ڳائڻ جي موسم آئي آهي، ۽ ڳيري جي ٻولي اسان جي ملڪ ۾ پيئي ٻڌجي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 2:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جواب ڏنس تہ ”منهنجي لاءِ هڪڙو ٽسالو گابو، هڪڙي ٽسالي ٻڪري، هڪڙو ٽسالو گھيٽو، هڪڙي ڳيري ۽ هڪڙو ڪبوتر وٺي اچ.“


سو اسين جيڪي تنهنجي پاليل ڳيري مثل آهيون، تن جي جان انهن جھنگلي جانورن جي حوالي نہ ڪر. تون پنهنجي قوم جي ڏکويل حياتيءَ کي هميشہ لاءِ وساري نہ ڇڏ.


سڀاڳي آهي اها قوم، جيڪا خوشيءَ جي نعري سان تنهنجي واکاڻ ڳائي ٿي. اي خداوند! اسين تنهنجي مهربانين سان زندگي گذاريون ٿا.


ڏس، سيارو گذرڻ وارو آهي، مينهن وسي بس ڪئي آهي.


آءٌ اخروٽن جي باغ ۾ ويس، انهيءَ لاءِ تہ برساتي نهر وٽ وڻن کي ڏسان. هائو، آءٌ ڏسان تہ انگورن جي ولين ۾ ٻور آيو آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جھليا آهن يا نہ؟


منهنجو محبوب پنهنجي خوشبوءِ واري باغ ڏانهن هليو آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اتي هو پنهنجيون رڍون چاري، ۽ سوسن جا گل ميڙي انهن مان خوشبوءِ جو مزو ماڻي.


هاڻي اوهين بابل مان خوشيون ڪندي نڪري ايندا، ۽ سلامتيءَ سان روانا ڪيا ويندا. جبل ۽ ٽڪريون اوهان جي اڳيان گيت ڳائڻ لڳندا، ۽ سڀيئي وڻ تاڙيون وڄائيندا.


لقلق پکي بہ پنهنجي لاءِ مقرر ڪيل موسم کان باخبر هوندو آهي. ڳيرا، ابابيل ۽ ڪنگ بہ پنهنجي لڏپلاڻ جي مند ڄاڻن ٿا. مگر اوهان منهنجي قوم کي اها خبر ئي ناهي تہ مون خداوند اوهان کي ڪهڙا قاعدا قانون ڏنا آهن.


مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ