Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 1:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اي عورتن ۾ سڀني کان حسين محبوبہ! ڇا تو کي جڳهہ جي خبر ڪانهي؟ تہ پوءِ ڌڻ جي پيرن جا نشان وٺيو اچ، ۽ پنهنجي ڇيلن کي ڌنارن جي تنبن جي ڀرسان وڃي چار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اي زالن ۾ سڀني کان حسين، جي توکي اها خبر نہ آهي تہ ڌڻ جي پيرن تي پنهنجو رستو ڏيو هلي وڃ، ۽ پنهنجن ڇيلن کي ڌنارن جي تنبن جي پاسي ۾ چار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 1:8
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي تنهنجا چونڊيل آهن سي بيشڪ افضل آهن، انهن سان گڏجي رهڻ سان مون کي پوري خوشي ملي ٿي.


جيئن تہ بادشاهہ تنهنجو ڌڻي آهي، سو تو کي سندس فرمانبرداري ڪرڻ کپي. هو تنهنجي سونهن جو مشتاق ٿيندو.


بيشڪ بادشاهہ جي ڪنوار، جيڪا محلات جي اندر پنهنجي ڪمري ۾ آهي، سا ڪيڏي نہ حسن‌سراپا آهي! کيس شاديءَ جي زربفت پوشاڪ پهريل آهي.


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو منهنجي ڳالهہ ٻڌي ٿو، ۽ هر روز منهنجي دروازن تي بيهي انتظار ٿو ڪري. هائو، اهو جيڪو منهنجي دروازن جي چانئٺن تي بيٺو ٿو رهي.


اي منهنجي پياري! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين، ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجيون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.


منهنجو محبوب مون سان ڳالهائي ٿو. اُٿي اچ، اي منهنجي محبوبہ! اي منهنجي نازنين! هلي اچ.


اي منهنجي محبوبہ! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين! واہ! تون ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجي نقاب پٺيان تنهنجيون اکڙيون، ڄڻ ڪبوترين جون اکيون آهن. تنهنجا وار ائين ٿا جھُومن، جيئن ڪو ٻڪرين جو ڌڻ جِلعاد جبل تان لهي رهيو هجي.


اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! تنهنجي چمين ۾ ڪيڏو نہ مٺاڻ آهي. تو سان ڀاڪر پائڻ ۾ مئي کان وڌ سُرور ملي ٿو. تنهنجي بدن جي خوشبوءِ هر قسم جي خوشبوئن کان اعليٰ آهي.


اي منهنجي محبوبہ! تون مٿي کان پيرن تائين حسن ئي حسن آهين، تو ۾ ڪوبہ عيب ڪونهي.


اي عورتن ۾ سڀني کان سهڻي! تنهنجو محبوب ٻئي ڪنهن محبوب کان ڪيئن وڌيڪ آهي؟ اهو ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ ٻين کان وڌيڪ آهي، جو تون اسان کي اهڙيءَ طرح قسم ٿي وجھين؟


اي عورتن ۾ سڀني کان سهڻي! تنهنجو محبوب ڪيڏانهن ويو آهي؟ هائو، ٻڌاءِ تہ تنهنجو محبوب ڪهڙي پاسي نڪري ويو آهي؟ انهيءَ لاءِ تہ اسين تو سان گڏجي هلي انهيءَ کي ڳوليون.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين چوواٽن تي بيهي ڏسو، ۽ اصلي رستي جي پڇا ڪريو، هائو، پڇا ڪريو تہ اهو چڱو رستو ڪٿي آهي. انهيءَ تي ئي هلو تہ اوهين سڪون حاصل ڪندا. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين انهيءَ تي ڪونہ هلنداسون.‘


جڏهن هو نيرن ڪري چڪا تڏهن عيسيٰ شمعون پطرس کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان هنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو خداوند! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”منهنجي گھيٽڙن کي وڃي چار.“


اوهين منهنجي نقشِ‌قدم تي هلو، جهڙي نموني آءٌ مسيح جي نقشِ‌قدم تي هلان ٿو.


هن جو مقصد هو تہ هڪڙي اهڙي شاندار ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا اهڙي ڪا ٻي شيءِ نہ هجي، بلڪ اها پاڪ ۽ بي‌عيب هجي.


اوهين پنهنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوهان کي مسيح بابت خدا جو پيغام ٻڌايو. انهن پنهنجي زندگي جيڪا ڀلائي ڪندي گذاري، تنهن تي ويچار ڪريو ۽ انهن جي ايمان جي نموني موجب هلو.


سو اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جي نموني تي هلو، جيڪي ايمان ۽ ثابت قدميءَ جي وسيلي اها ميراث حاصل ڪن ٿا، جنهن جو واعدو خدا ڪيو آهي.


ڏسو، ڇا خدا اسان جي پيءُ ابراهيم کي عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو، جڏهن هن پنهنجي پٽ اسحاق کي قربان‌گاهہ تي نذر ٿي ڪيو؟


ساڳيءَ طرح راحب جيڪا ڪسبياڻي هئي، تنهن بہ جڏهن بني اسرائيل قوم جي موڪليل جاسوسن کي پاڻ وٽ رهايو ۽ شهر مان نڪرڻ جي ٻئي رستي کان روانو ڪري کين بچايو، تڏهن ڇا خدا هن کي سندس انهيءَ عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو؟


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ نبين کي تڪليفن سهڻ ۽ صبر ڪرڻ جو نمونو ڪري سمجھو.


اهڙيءَ طرح سارہ بہ ابراهيم جي فرمانبردار رهندي هئي ۽ کيس پنهنجو آقا چوندي هئي. اوهين بہ انهيءَ جون ڌيئر آهيو، بشرطيڪ نيڪ ڪم ڪريو ۽ ڪنهن بہ خوف جو شڪار نہ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ