Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 1:6 - Muslim Sindhi Bible

6 منهنجي سانوري هجڻ جو ڪو خيال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اس منهنجو رنگ ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. منهنجا ڀائر مون تي ڏمريل هئا، سو مون کي انگورن جي باغن جي سنڀال تي مقرر ڪري ڇڏيو هئائون. جنهن ڪري آءٌ پنهنجي رنگ روپ جي سنڀال ئي نہ ڪري سگھيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 مون ڏانهن نہ نهار، ڇالاءِ جو آءٌ سانوري آهيان؛ سج مون کي ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي ماءُ جا پٽ مون تي ڪاوڙيل هئا، هنن مون کي ڊاک جي منهہ جو سنڀاليندڙ ڪيو؛ پر مون پنهنجي ڊاک جو منهہ نہ سنڀاليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 1:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي کل ڪاري ٿي ويئي آهي ۽ جسم تان لهيو ٿي پوي. منهنجي سڄي جان بخار ۾ پيئي ٻري.


پنهنجي مٽن مائٽن وٽ آءٌ ڌاريو ٿي پيو آهيان، بلڪ پنهنجيءَ ئي ماءُ جي اولاد وٽ آءٌ اجنبي ٿي پيو آهيان.


سو تون ان شڪايت کي ڇڏ ۽ پنهنجي مائٽن ڏانهن نهار، جيڪي تنهنجي ابي جو اولاد آهن تن بہ تو سان دغا ڪئي آهي. انهن بہ تنهنجي خلاف وڏيون دانهون ڪيون آهن. سو انهن تي اعتبار نہ ڪر، توڙي جو هو تو سان مٺو ٿا ڳالهائين.“


منهنجي قوم کي ايذاءُ رسيو آهي، ڄڻ تہ آءٌ ايذايو ويو آهيان. آءٌ ڏکويل ٿي پيو آهيان ۽ منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي.


پر هاڻي سندن شڪليون ڏامر کان بہ وڌيڪ ڪاريون ٿي ويون آهن، ۽ ڪوبہ کين سڃاڻي نہ ٿو سگھي. هنن جي کل سندن هڏين کي چنبڙي پيئي آهي، ۽ ڪومائجي سڪي ڪاٺيءَ جهڙي ٿي پيئي آهي.


هنن ڏينهن ۾ پٽ پنهنجي پيءُ جي بي‌عزتي ٿو ڪري، ڌيءَ پنهنجي ماءُ سان ۽ ننهن پنهنجي سس سان وڙهڻ لاءِ تيار بيٺي آهي. مطلب تہ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گھر جا ئي ڀاتي آهن.


منهنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.


شاگرد لاءِ سٺو اهو آهي تہ هو پنهنجي استاد سان هر حال ۾ شامل رهي ۽ غلام لاءِ تہ پنهنجي مالڪ سان. سو جيڪڏهن گھر جي مالڪ کي ئي ڀوتن جو سردار بعل‌زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“


پر جڏهن سج اڀريو تہ لهسجي ويا. جيئن تہ اهي پاڙ هڻي نہ سگھيا تنهنڪري سڪي ويا.


هنن هر هنڌ خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن جي ايمان کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو ايمان تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“


پر جيئن انهيءَ وقت جسماني طور پيدا ٿيل ٻار پاڪ روح جي قدرت سان پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو هو، تيئن ئي هاڻي بہ ٿئي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ