Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 1:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جتي ديال ۽ سرو جا وڻ اسان جي چوڌاري ديوار ۽ ڇت هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 اسان جي گهر جون ڪامون سرو جون آهن، ۽ اسانجون پٽيون صنوبر جون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 1:17
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيڪل جي ٽن طرفن کان جيڪي ٽي منزلہ جايون حجرن لاءِ ٺهرايون ويون هيون، تن جا شهتير هيڪل جي ڀتين جي ٽيڪن تي رکيل هئا. هر هڪ حجري جي اوچائي سوا ٻہ ميٽر هئي.


اهڙيءَ طرح هن هيڪل کي تعمير ڪرايو ۽ ديال جي شهتيرن ۽ تختن جي ڇت وجھرائي کيس پورو ڪيو.


هن مقدس جاءِ کي صنوبر جي تختن سان ڍڪرايو ۽ انهن تختن تي نج سون جو پٽ چاڙهايو ۽ مٿان کجين جا وڻ ۽ زنجيريون اُڪرايائين.


سچار ماڻهو کجيءَ جي وڻ جيان ڦلدار آهن. اهي لبنان واري ديال جي وڻ جيان پيا وڌندا ۽ مضبوط ٿيندا.


تنهنجو مٿو ڪرمل جبل جيان بلند آهي. تنهنجي مٿي جا وار ايترا تہ ڪارا ۽ چمڪندڙ آهن، جو بادشاهہ بہ انهن کي ڏسي تنهنجو اسير بڻجي وڃي.


اسان جي ڀيڻ ڀت وانگر سڌي آهي، سو اسين سندس ڇاتيءَ تي چانديءَ جا منارا کڻي جوڙيون، ۽ جيڪڏهن هوءَ دروازو هجي تہ اسين کيس ديال جي ڪاٺ سان سينگاريون.


هو چوي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي لاءِ ڪشادين ماڙين سان هڪ وڏو محل تعمير ڪرائيندس.“ سو هو ان ۾ وڏيون دريون وجھرائي ٿو ۽ پوري محل کي اندران ديال جي ڪاٺي لڳرائي ۽ ڳاڙهو رنگ ڏياري سينگاري ٿو.


يعني دروازن جي چوڪاٺين، کُليل درين ۽ تاڪن وارين درين تي ڪاٺ لڳل هو. هر هڪ دريءَ جي تري کان سواءِ ٽن پاسن تي ٽن تَهن وارا ڪاٺ جا فريم لڳل هئا. انهن ٻنهي ڪمرن جي سڀني ڀتين تي فرش کان درين تائين ڪاٺ لڳل هو.


سو انهيءَ عمارت جي ڏکڻ پاسي هيڪل جي ڀرسان واري ڏهہ ميٽر ويڪري خالي جاءِ بہ هئي ۽ اتر پاسي ٻاهرين اڱڻ وارو فرش هو. اها عمارت ٽن طبقن تي ٺهيل هئي، جنهن جو هر هڪ طبقو هڪٻئي کان مٿي ۽ پوئتي هو.


ابراهيم انهيءَ شهر جو اميدوار هو، جنهن جو بنياد پڪو ۽ پختو آهي ۽ جنهن جو تخليق ڪندڙ ۽ اڏيندڙ خود خدا آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ