Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 1:15 - Muslim Sindhi Bible

15 اي منهنجي پياري! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين، ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجيون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڏس، اي منهنجي پياري، تون سهڻي آهين؛ تون خوبصورت آهين؛ تنهنجون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 1:15
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا محبوب! تون ڪيڏو نہ حسين آهين. هاءِ! تون ڪيڏو نہ دلپسند آهين! اسان جو پلنگ سرسبز گاهہ ٿيندو،


اي عورتن ۾ سڀني کان حسين محبوبہ! ڇا تو کي جڳهہ جي خبر ڪانهي؟ تہ پوءِ ڌڻ جي پيرن جا نشان وٺيو اچ، ۽ پنهنجي ڇيلن کي ڌنارن جي تنبن جي ڀرسان وڃي چار.


اي منهنجي پياري! ڇا تہ تنهنجي چال آهي! آءٌ تہ تنهنجي مشابهت فرعون جي گاڏيءَ جي هڪڙي گھوڙيءَ سان ٿو ڪريان.


منهنجو محبوب مون سان ڳالهائي ٿو. اُٿي اچ، اي منهنجي محبوبہ! اي منهنجي نازنين! هلي اچ.


انجير جي وڻن ۾ ميوو پچڻ لڳو آهي، انگورن جي ولين جي ٻور هوا کي معطر ڪري ڇڏيو آهي. سو اُٿ، اي منهنجي محبوبہ! اي منهنجي نازنين! هلي اچ.


اي منهنجي محبوبہ! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين! واہ! تون ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجي نقاب پٺيان تنهنجيون اکڙيون، ڄڻ ڪبوترين جون اکيون آهن. تنهنجا وار ائين ٿا جھُومن، جيئن ڪو ٻڪرين جو ڌڻ جِلعاد جبل تان لهي رهيو هجي.


اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! تنهنجي چمين ۾ ڪيڏو نہ مٺاڻ آهي. تو سان ڀاڪر پائڻ ۾ مئي کان وڌ سُرور ملي ٿو. تنهنجي بدن جي خوشبوءِ هر قسم جي خوشبوئن کان اعليٰ آهي.


اي منهنجي محبوبہ! تون مٿي کان پيرن تائين حسن ئي حسن آهين، تو ۾ ڪوبہ عيب ڪونهي.


هن جون اکيون انهن ڪبوترن جهڙيون خوبصورت آهن، جيڪي وهندڙ نهرن تي ويٺل هجن، جيڪي کير ۾ وهنجاريل آهن ۽ چشمي تي ويٺا هجن.


آءٌ ستي پيئي هئس، پر منهنجي دل جاڳي رهي هئي. مون خواب ۾ ڏٺو تہ منهنجو محبوب آيو آهي، ۽ دروازو کڙڪائي چوي ٿو تہ ”اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! اي منهنجي ڪبوتري! اي منهنجي بي‌عيب ۽ بي مثال محبوبہ! دروازو کول، ڇاڪاڻ تہ منهنجا زلف رات جي ماڪ جي ڦڙن سان آلا ٿي پيا آهن.“


”اها ڪير آهي، جيڪا صبح جهڙي روشن ٿي ڏسجي؟ اها چنڊ جهڙي حسين ۽ سج جهڙي تجليدار آهي، جنهن جي سونهن اسان جي اندازي کان بہ وڌيڪ آهي.“


اي منهنجي محبوبہ! تون ڪيڏي نہ حسين آهين. تون ترضہ شهر جهڙي سهڻي، ۽ يروشلم شهر جهڙي وڻندڙ آهين. تنهنجي سونهن منهنجي اندازي کان بہ وڌيڪ آهي.


تون ڪيڏي نہ خوبصورت ۽ دلپسند آهين! تنهنجي پيار جو لطف ڪيڏو نہ ڀرپور آهي!


تنهنجي بيهڪ کجيءَ جي وڻ جهڙي آهي. تنهنجيون ڇاتيون کارڪن جي گوشن مثل آهن.


اوهين پڇو ٿا تہ هو راضي ڇو نہ ٿو ٿئي؟ اهو انهيءَ ڪري جو خداوند ڏسي ٿو تہ اوهان پنهنجي زال سان بي‌وفائي ڪئي آهي، جنهن سان اوهان نوجوانيءَ ۾ شادي ڪئي هئي. هوءَ اوهان جي ساٿي آهي جنهن سان خدا آڏو ڪيل وفاداريءَ واري واعدي کي اوهان ٽوڙي ڇڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ