11 آءٌ تو لاءِ سونا زيور ٺهرائيندس، جن ۾ چانديءَ جا گل جڙيل هوندا.
11 اسين توکي سون جون زنجيرون، چانديءَ جي گلن سان جوڙي ڏينداسين.
پوءِ خدا چيو تہ ”هاڻي اسين انسان کي ٺاهيون جيڪو اسان جي صورت تي اسان وانگر هجي. اُهي مڇين تي، پکين تي، گھريلو ۽ جھنگلي جانورن تي ۽ ننڍن وڏن ساهوارن تي حڪمراني ڪن.“
بيشڪ خداوند پنهنجي قوم کان ڏاڍو خوش ٿئي ٿو، ۽ پنهنجي تابعدارن کي فتحمندي بخشي ٿو.
تنهنجا ڳل تنهنجي نٿ جي لَڙهين سان ۽ تنهنجي ڳچي هيرن جواهرن سان ڪيڏي نہ سهڻي ٿي لڳي!
اي منهنجا بادشاهہ! جيستائين تون پنهنجي پلنگ تي آرامي آهين، تيستائين ڪاش! منهنجي بدن جي خوشبوءِ تو تائين ڦهلجي وڃي.
اسان جي ڀيڻ ڀت وانگر سڌي آهي، سو اسين سندس ڇاتيءَ تي چانديءَ جا منارا کڻي جوڙيون، ۽ جيڪڏهن هوءَ دروازو هجي تہ اسين کيس ديال جي ڪاٺ سان سينگاريون.
تنهنجي نڪ ۾ نٿ وڌم ۽ تنهنجي ڪنن ۾ واليون پارايم ۽ تنهنجي مٿي تي هڪڙو سهڻو تاج رکيم.
هو پنهنجي انهيءَ قدرت سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنهنجي عظمت واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.