Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 1:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تنهنجا ڳل تنهنجي نٿ جي لَڙهين سان ۽ تنهنجي ڳچي هيرن جواهرن سان ڪيڏي نہ سهڻي ٿي لڳي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تنهنجا ڳل وارن جي زلفن سان سهڻا ٿا لڳن، ۽ تنهنجي ڳچي جواهرن جي سرن سان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 1:10
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اٺن پاڻي پي بس ڪئي تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هڪڙي سوني نٿ، جنهن جي تور اٽڪل پنج گرام هئي سا ڪڍي ۽ ٻہ سونا ڪنگڻ جن جي تور اٽڪل سؤ سؤ گرام هئي، انهيءَ جي ٻانهن لاءِ ڪڍيا.


مون کانئس پڇيو تہ ’تون ڪنهن جي ڌيءَ آهين؟‘ هن جواب ڏنو تہ ’منهنجو پيءُ بيتوايل آهي، جنهن جي ماءُ مِلڪاہ ۽ پيءُ نحور آهي.‘ تڏهن مون سندس نڪ ۾ نٿ ۽ ٻانهن ۾ ڪنگڻ پارايا.


پوءِ هن چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا ڪڍي ربقہ کي ڏنا. هن ربقہ جي ڀاءُ ۽ ماءُ کي بہ قيمتي سوکڙيون ڏنيون.


ان بعد فرعون مُهر واري منڊي پنهنجيءَ آڱر مان لاهي يوسف کي آڱر ۾ پارائي. کيس عمدي ڪپڙي جو جبو ڍڪايائين ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پارايائينس.


سندن نصيحت اوهان جي عظمت ۽ شان لاءِ اوهان جي مٿي جي تاج ۽ گلي جي سهڻي هار مثل هوندي.


آءٌ تو لاءِ سونا زيور ٺهرائيندس، جن ۾ چانديءَ جا گل جڙيل هوندا.


اي منهنجي مٺڙي! اي منهنجي ڪنوار! هاءِ هاءِ تنهنجي نيڻن جي نظاري ۽ تنهنجي هار جي تجلي، منهنجي دل کسي ورتي آهي.


هن جي ڳلن مان اهڙي تہ خوشبوءِ پئي اچي، جهڙي خوشبودار مصالحن سان ڀريل هڪڙي باغ مان ايندي آهي. هن جا چپ سوسن جي گلن جهڙا آهن، جن مان خالص مُر پيئي ٽمي.


خداوند جي ڪيل ڪمن سبب آءٌ بيحد خوش ٿيندس، ۽ منهنجي جان پنهنجي خدا کان راضي رهندي. انهيءَ سبب جو جيئن گھوٽ کي تاج سان سينگاريو وڃي، يا جيئن ڪنهن ڪنوار جو زيورن سان سينگار ڪيو وڃي، تيئن هن اسان کي بچاءُ ڄڻ پوشاڪ وانگر پهرائي ڇڏيو آهي، ۽ حق سچ ڄڻ اسان کي هڪ جبي وانگر ڍڪايو اٿس.


سو اسان مان هر هڪ ڄڻي سونا زيور خداوند جي لاءِ نذرانو آندا آهن، جيڪي اسان کي هٿ آيا هئا، يعني بازوبند، چُوڙا، منڊيون، ايرنگَ ۽ هار، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي حضور ۾ اسان جي لاءِ ڪفارو ادا ٿئي.“


ان جي بدران اوهان جي باطني انسانيت حليم ۽ نرم طبيعت جي غيرفاني سينگار سان سينگاريل هجي. خدا جي نظر ۾ انهيءَ جو وڏو قدر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ