Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 4:15 - Muslim Sindhi Bible

15 هو تنهنجي زندگيءَ کي نئون ڪندو ۽ تنهنجي پڇاڙيءَ ۾ تنهنجو سهارو ٿيندو. انهيءَ لاءِ جو تنهنجي ننهن جنهن جي تو سان محبت آهي ۽ جيڪا تنهنجي لاءِ ستن پٽن کان بہ وڌيڪ آهي، تنهن انهيءَ کي ڄڻيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ اُهو تنهنجي لاءِ حياتي نئين سر تازي ڪرڻ وارو، ۽ تنهنجي پيريءَ جو ڀرجهلو ٿيندو: ڇالاءِ جو تنهنجي ننهن، جنهن جي توسان محبت آهي، ۽ جا تنهنجي لاءِ ستن پٽن کان بہ چڱي آهي، تنهن اُنهيءَ کي ڄڻيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 4:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي آءٌ اوهان جي سنڀال پيو لهندس. جيئن تہ اڃا ڏڪار جا پنج سال ٻيا بہ آهن، سو متان توهين، توهان جو خاندان ۽ ٻيا جيڪي توهان وٽ آهن سي ڪنگال ٿي پئو.‘“


يوسف پنهنجي پيءُ، پنهنجي ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي خاندان ۽ سندن ٻارن آهر کاڌ خوراڪ ڏيئي سندن پرورش ڪرڻ لڳو.


اي خدا! اسين پنهنجيون تڪليفون تو آڏو ٿا رکون. تون خداوند ئي اسان جي سنڀال ڪندين، ۽ ڪنهن بہ سچار کي ڪڏهن لوڏو کائڻ نہ ڏيندين.


گھڻا دوست اهڙا هوندا آهن، جيڪي برباديءَ جو سبب ٿا بڻجن، پر ڪو اهڙو دوست بہ هوندو آهي، جيڪو ڀائرن کان بہ وڌيڪ ويجھو ٿئي ٿو.


آءٌ اوهان جي ٻڍاپي ۽ اڇن وارن تائين ساڳيو ئي رهندس، هائو، قوم جي پڇاڙيءَ تائين آءٌ اوهان کي سنڀاليندو رهندس. مون اوهان کي خلقيو آهي، سو آءٌ اوهان جي مدد ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندو رهندس.


پوءِ نعوميہ ٻارڙو پنهنجي هنج ۾ کنيو ۽ انهيءَ کي پالڻ لڳي.


اهو ڏسي سندس مڙس القانہ کيس تسلي ڏيئي چوندو هو تہ ”اي حنہ! تون ڇو ٿي روئين ۽ ماني ڇو نہ ٿي کائين؟ تنهنجي دل ڇو غمگين آهي؟ ڇا آءٌ تنهنجي واسطي ڏهن پٽن کان بهتر ناهيان؟“


جيڪي ڍاول هئا سي مانيءَ خاطر وڃي مزدور ٿيا، ۽ جيڪي بکايل هئا تن کائي ڍءُ ڪيو آهي. جيڪا عورت سنڍ هئي سا ستن ٻارن جي ماءُ بڻي، ۽ جيڪا جھجھن ٻارن جي ماءُ هئي سا اڪيلي وڃي بچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ