رُوت 3:12 - Muslim Sindhi Bible12 اهو سچ آهي تہ آءٌ تنهنجو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز آهيان پر مون کان بہ وڌيڪ ويجھو تنهنجو هڪڙو ٻيو اهڙو عزيز آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 هاڻي اهو سچ آهي تہ آءٌ ويجهو مائٽ آهيان: پر مون کان بہ ويجهو ٻيو هڪڙو مائٽ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري مون سوچيو تہ اها ڳالهہ تو کي ٻڌائي ڇڏيان ۽ اهو بہ چوان تہ تون هنن سڀني ويٺل ماڻهن، يعني اسان جي قوم جي اڳواڻن جي روبرو اها ٻني خريد ڪر. جيڪڏهن تون اها پئسا ڏيئي ڇڏائڻ گھرين ٿو تہ ڀلي ڇڏاءِ. پر جيڪڏهن تون اها ڇڏائڻ نہ ٿو چاهين تہ ٻڌائي ڇڏ تہ مون کي خبر پوي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ کي ڇڏائڻ جو پهريون حق تنهنجو آهي ۽ تو کان پوءِ منهنجو.“ انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”آءٌ اها ڇڏائيندس.“