Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 1:20 - Muslim Sindhi Bible

20 هن کين چيو تہ ”مون کي نعوميہ نہ سڏيو، بلڪ مون کي مارہ سڏيو، ڇاڪاڻ تہ قادرِمطلق منهنجي زندگي ڏکي ڪري ڇڏي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ هن چين تہ مون کي نعومي نہ ڪوٺيو، مون کي مارہ ڪوٺيو: ڇالاءِ جو قادر مطلق مون سان ڏاڍي ڪَرڙي هلت ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 1:20
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.


شال قادرِمطلق خدا انهيءَ کي اوهان تي مهربان ڪري، تہ جيئن هو بنيامين ۽ اوهان جي ٻئي ڀاءُ کي اوهان سان گڏ ڇڏي ڏئي. باقي جيڪڏهن آءٌ بي‌اولادي ٿيان تہ ٿيان.“


ڇا تون خدا جي ڳجھين ڳالهين کي سمجھي ٿو سگھين؟ ڇا تون قادرِمطلق جي راز کي معلوم ڪري ٿو سگھين؟


پر ائين نہ آهي بلڪ خدا پنهنجي ڪنهن منصوبي تحت مون کي پستيءَ ۾ اڇلايو آهي، هائو، هن مون کي ڦاسائڻ لاءِ منهنجي چوڌاري پنهنجو ڄار وڌو آهي.


”ياد رک، اهو ماڻهو سڀاڳو آهي، جنهن کي خدا تنبيهہ ڪري ٿو. تنهنڪري تون قادرِمطلق خدا جي سيکت کي نہ ڌڪار.


قادرِمطلق خدا مصيبتن جا تير منهنجي اندر ۾ چڀائي ڇڏيا آهن، جن جو زهر منهنجي پوريءَ جان ۾ ڦهلجي ويو آهي. هائو، خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي خلاف صفون ٻڌي ٿيون بيهن.


هو مون کي ساهہ پٽڻ نہ ٿو ڏئي، بلڪ مون کي سخت بي‌حاليءَ سان ڀري ٿو ڇڏي.


روزانو اٿڻ سان ئي مون کي سزا ملندي رهي ٿي، بلڪ سڄو ڏينهن آءٌ آفتن منجھہ گذاريان پيو.


ننڍپڻ کان ئي آءٌ ڏکي آهيان، ۽ موت جي ڪنڌيءَ تي رهيو آهيان. آءٌ تنهنجي ڊپ وچان حيران وَ پريشان آهيان.


پوءِ هو هڪ جاءِ تي اچي پهتا، پر اُتان جو پاڻي پي نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪؤڙو هو. انهيءَ ڪري ان جاءِ جو نالو ”مارہ“ پئجي ويو.


جڏهن مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ڏيکاري ڏني، تڏهن اهي مون کي خدا قادرِمطلق ڪري ڄاڻيندا هئا. مون پنهنجو نالو ’خداوند‘ مٿن ظاهر نہ ڪيو هو.


سڄي سڄي رات آءٌ تڪليف وچان رڙندو رهندو هئس، ڄڻ ڪنهن شينهن وانگر تو منهنجا سڀ هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا هجن. مون سمجھيو ٿي تہ تو منهنجي حياتي ڏينهن کان رات ٿيڻ وارين چند گھڙين تائين پوري ڪري ڇڏي آهي.


ڪابہ سيکت جڏهن ڏني وڃي ٿي، تڏهن خوشيءَ جو نہ، پر ڏک جو سبب ٿي لڳي. پر جيڪي برداشت ڪري پختا ٿي وڃن ٿا، تن کي اها آخر ۾ سچائيءَ ۽ سلامتيءَ واري زندگي بخشي ٿي.


خداوند خدا، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو، اهو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”اول ۽ آخر آءٌ ئي آهيان.“


مون شهر ۾ ڪابہ هيڪل ڪانہ ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ خداوند قادرِمطلق خدا ۽ گھيٽڙو ئي ان جي هيڪل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ