Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:32 - Muslim Sindhi Bible

32 ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو هو تہ هنن ايمان رکڻ جي وسيلي نہ، پر شريعت تي عمل جي وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين هنن انهيءَ ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 سو ڇو؟ هن ڪري تہ هنن اُنهيءَ کي ايمان سان نہ ڳوليو، پر ڄڻ تہ عملن سان. هنن ٿاٻڙائڻ واري پهڻ تي ٿاٻو کاڌو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو هو تہ هنن وشواس رکڻ جي وسيلي نہ، پر نيم تي عمل جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين هنن انهيءَ ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 ڇو؟ ڇالاءِ⁠جو ھنن شريعت کي ايمان جي وسيلي نہ ڳوليو پر عملن جي وسيلي ڳوليائون. انھن ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:32
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي اها عظيم پاڪيزگي يروشلم جي رهاڪن لاءِ ڦندو ۽ دام ثابت ٿيندي، بلڪ سڄي يهوداہ ۽ اسرائيل جي رهاڪن لاءِ ٿاٻو ڏيڻ وارو پٿر ۽ ٿاٻڙائڻ وارو ٽڪر بڻبي.


هائو، انهن مان گھڻا ئي ٿاٻڙجي ڪرندا ۽ چيڀاٽجي ويندا ۽ گھڻا ئي پڪڙي جلاوطن ڪيا ويندا.“


سو انهن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو. عيسيٰ کين چيو تہ ”هر نبي پنهنجي ديس ۽ پنهنجي خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آهي.“


پوءِ شمعون انهن لاءِ برڪت گھري ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ڏس، هي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آهي. هو خدا جي طرفان تنبيهہ جو هڪ نشان هوندو. ڪيترائي ماڻهو سندس مخالفت ڪندا،


سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“


تہ ماڻهو ڪهڙيءَ طرح خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو. سو هو شريعت وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ائين هو خدا ڏانهن سچار بڻجڻ جو صحيح رستو اختيار نہ ٿا ڪن.


پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل قوم ٿاٻو کائي ائين ڪِري پيئي جو وري ڪڏهن بحال نہ ٿيندي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، بني اسرائيل جي انهيءَ ڪِري پوڻ جي ڪري غير قوم وارن کي ڇوٽڪارو ملي ويو، تہ جيئن اهو ڏسي بني اسرائيل کي غيرت اچي.


تنهنڪري اهو واعدو ايمان رکڻ جي بنياد تي آهي تہ جيئن اهو خدا جي فضل جي بخشش هجي، جيڪو ابراهيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رهي. هي نہ رڳو انهن لاءِ آهي جن وٽ شريعت آهي، پر انهن لاءِ بہ آهي جيڪي ابراهيم وانگر ايمان آڻين ٿا. اهڙيءَ طرح ابراهيم اسان سڀني جو پيءُ آهي،


پر اسين صليب تي چاڙهيل مسيح جي منادي ٿا ڪريون، جيڪو يهودين جي نظر ۾ ٺوڪر جو سبب ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي‌وقوفي آهي.


هن ڪري جو پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ هڪ پٿر رکان ٿو، جيڪو مخصوص، قيمتي ۽ پيڙهہ جو پٿر آهي. جيڪو ماڻهو انهيءَ تي ايمان آڻيندو، سو ڪڏهن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“


۽ ”اهو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻهن لاءِ ٿاٻو کائڻ واري ڇپ ٿيو آهي.“ سو اهي ماڻهو خدا جي فرمان تي ايمان نہ آڻڻ سان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي اهي مقرر بہ ڪيا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ