خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين جيڪي سچائيءَ تي هلڻ چاهيو ٿا، ۽ مون خداوند جا طالبو آهيو، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اوهين پنهنجي وڏي ابراهيم ۽ سندس زال سارہ بابت سوچو، جن مان اوهين پيدا ٿيا آهيو. ابراهيم هڪ ٽڪر هو جنهن منجھان اوهين ٽُڪيا ويا آهيو. هائو، اهو پٿرن جي هڪ کاڻ هو، جنهن مان اوهين کوٽيا ويا آهيو. اهو پهريائين بياولاد هو، پر جڏهن مون خداوند کيس چونڊي برڪت عطا ڪئي، تڏهن منجھانئس بيشمار نسل پيدا ٿيو.