Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:29 - Muslim Sindhi Bible

29 يسعياہ نبيءَ هن ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ هيئن بہ چيو آهي تہ ”جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها، تہ اسان جو حال بہ سدوم ۽ عموراہ شهر وارن جهڙو ٿئي ها.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ جيئن يسعياہ نبي اڳيئي چئي ويو آهي تہ ”جي لشڪرن جو خداوند اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها، تہ اسين سدوم ۽ عموراہ وانگر ٿيون ها.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 يسعياہ سنت هن ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ هيئن بہ چيو آهي تہ ”جيڪڏهن سروِشڪتيوان پرميشور اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها، تہ اسان جو حال بہ سدوم ۽ عموراہ شهر وارن جهڙو ٿئي ها.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 جيئن يسعياہ نبي اڳي ئي چئي ويو آھي تہ ”جيڪڏھن قدرت وارو خداوند اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ھا، تہ اسان جو حال بہ سدوم ۽ عموراہ شھرن جھڙو ٿئي ھا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:29
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي يروشلم جا حڪمرانؤ ۽ رهاڪؤ! اوهين بہ سدوم جي حڪمرانن، ۽ عموراہ جي رهاڪن جهڙا گنهگار آهيو. هاڻي اوهين خداوند جو فرمان ٻڌو، هائو، اسان جي خدا جي شريعت تي ڌيان ڏيو.


جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند هنن ٿورن ماڻهن کي باقي نہ بچائي ها، تہ جيڪر يروشلم بہ سدوم ۽ عموراہ شهرن جيان برباد ٿي وڃي ها.


بابل جيڪو سڀني بادشاهتن جي سونهن، ۽ پنهنجي رهاڪن جو فخر ۽ شان آهي، تنهن جو حال سدوم ۽ عموراہ جهڙو ٿيندو، جن کي خدا اونڌو ڪري ڇڏيو هو.


جيڪڏهن انهن مان ڏهين حصي جيترا بہ ملڪ ۾ رهجي ويندا، تہ اهي بہ ناس ٿي ويندا. اهي تارپين يا شاهہ‌بلوط وڻن جي ٿُڙ وانگر وڃي بچندا، جنهن کي بہ ساڙيو وڃي ٿو.“ تنهن هوندي بہ انهيءَ ٿُڙ مان ئي خداوند لاءِ مخصوص نسل جي نئين سر پيدا ٿيڻ جو اشارو ملي ٿو.


جهڙيءَ طرح سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آس‌پاس وارن شهرن کي تباهہ ڪيو ويو هو تهڙيءَ طرح ئي ادوم سان بہ ٿيندو ۽ منجھس ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.


جيئن اڳي مون سدوم ۽ عموراہ ۽ ان جي آس‌پاس وارن شهرن کي اجاڙي نابود ڪري ڇڏيو هو، تيئن بابل ۾ بہ ڪو ماڻهو ڪونہ رهندو. هائو، اتي ڪوبہ آدمزاد اچي نہ رهندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


خداوند جي شفقت ابدي آهي، ۽ سندس رحم ڪرڻ ڪڏهن بہ بند نہ ٿو ٿئي.


منهنجي قوم وارن کي سندن گناهن جي سزا سدوم وارن جي سزا کان بہ وڌيڪ ڏني ويئي آهي. انهن جي شهر کي تہ هڪ پل ۾ ئي اونڌو ڪيو ويو هو، ۽ ڪو انساني دشمن انهيءَ تي چڙهائي ڪري نہ آيو هو.


مون اوهان مان ڪن کي ناس ڪري ڇڏيو، جيئن اڳي سدوم ۽ عموراہ شهرن سان ڪيو هئم، ۽ اوهين انهيءَ اُماڙيءَ وانگر آهيو، جيڪا ٻرندڙ باهہ منجھان ڇڪي ڪڍي وڃي. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


اي فلستيؤ! جنهن سمنڊ جي ڪناري تي اوهين رهو ٿا، سو رڳو ريڍارن ۽ رڍن جو ماڳ ٿي ويندو.


اهي هي بہ ڏسندا تہ سڄي زمين گندرف ۽ شورو لڳي پيئي آهي ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي جو منجھس نڪي ڪجھہ پوکجي ٿو، نڪي ان مان پيداوار ٿئي ٿي، نڪو وري منجھس ڪو گاهہ ٿو اڀري. هو ڏسندا تہ اهو ملڪ سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جن کي خداوند پنهنجي قهر ۽ غضب سان نابود ڪري ڇڏيو هو.


ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون قادرِمطلق خداوند جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن.


ساڳئي نموني خدا سدوم ۽ عموراہ جي شهرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ايندڙ زمانن جي بي‌دينن لاءِ عبرت جو هڪ مثال ٿين.


ساڳئي نموني سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آس‌پاس جي شهرن وارا انهن ملائڪن وانگر زناڪاري ۽ حرامڪاريءَ جي پٺيان پئجي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ جي سزا پيا ڀوڳين ۽ اهو ٻين لاءِ عبرت جو مثال آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ