Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:25 - Muslim Sindhi Bible

25 اهو هوسيع نبيءَ جي پاڪ لکت مطابق آهي، جنهن ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪا منهنجي قوم نہ هئي، تنهن کي پنهنجي قوم سڏيندس، ۽ جيڪا مون کي پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 جيئن تہ هو هوسيع نبيءَ جي ڪتاب ۾ بہ ٿو فرمائي تہ ”جيڪا منهنجي اُمت نہ هئي، تنهن کي پنهنجي اُمت سڏيندس، ۽ جا پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 اهو ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هوسيع جي پوِتر لکت مطابق آهي، جنهن ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ”جيڪا منهنجي قوم نہ هئي، تنهن کي پنهنجي قوم سڏيندس، ۽ جيڪا مون کي پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 جيئن خدا ھوسيع نبيءَ جي صحيفي ۾ فرمائي ٿو تہ ”جيڪا منھنجي قوم نہ ھئي، تنھن کي پنھنجي قوم سڏيندس ۽ جيڪا مون کي پياري نہ ھئي، تنھن کي پياري چوندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:25
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي هميشہ جي واسطي پنهنجي قوم بڻايو ۽ تون، اي خداوند! انهن جو خدا بڻيو آهين.


پوءِ وري جڏهن آءٌ تو وٽان لنگھيس تہ تو ڏانهن نهاريم ۽ ڏٺم تہ تنهنجي عمر عشق جي عمر کي اچي پهتي آهي. سو مون پنهنجي چادر تو تي وڌي ۽ تنهنجي اوگھڙ ڍڪيم. هائو، مون خداوند تو سان قسم کڻي عهد اقرار ڪيو ۽ تون منهنجي ٿي وئينءَ.


تون جيڪا منهنجي قوم آهين، تنهن کي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪري خوشحالي عطا ڪندس. آءٌ تو تي رحم ڪندس، جنهن کي ’رحم جوڳي نہ آهي‘ سڏيو وڃي ٿو، آءٌ تو کي پنهنجي قوم پڻ سڏيندس، جنهن کي ’منهنجي قوم نہ آهي‘ سڏيو وڃي ٿو. تڏهن تون مون کي وراڻي ڏيندينءَ تہ ’تون ئي منهنجو خدا آهين.‘“


ڇاڪاڻ تہ پيءُ تہ پاڻ اوهان سان پيار ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مون سان پيار ڪيو آهي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آهيان.


هي خط اوهان سڀني ڏانهن آهي، جيڪي روم شهر ۾ خدا جا پيارا آهيو ۽ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيا ويا آهيو. شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.


اڳي اوهين ڇڙوڇڙ هئا، پر هاڻي اوهين خدا جي قوم آهيو. اڳي اوهان تي رحمت ڪونہ ٿي هئي، پر هاڻي خدا جي رحمت ٿي اٿوَ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ