Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:19 - Muslim Sindhi Bible

19 هاڻي شايد اوهان مان ڪو ائين چوي تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ آهي جو ڪو خدا جي مرضيءَ جو مقابلو ڪري نہ ٿو سگھي، تہ پوءِ هو ڇو ٿو ماڻهن کي گنهگار قرار ڏئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تڏهن تون مون کي چوندين تہ پوءِ هو قصوروار ڇو ٿو ٺهرائي؟ ڪير هن جي ارادي جو مقابلو ڪري ٿو سگهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 هاڻي شايد اوهان مان ڪو ائين چوي تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ آهي جو ڪو ايشور جي مرضيءَ جو مقابلو ڪري نہ ٿو سگھي، تہ پوءِ هو ڇو ٿو ماڻهن کي پاپي قرار ڏئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 اوھين مون کي چوندا تہ پوءِ خدا ڇو ٿو ماڻھن کي ڏوھدار بڻائي؟ ڪنھن کي مجال آھي جو خدا جي مرضيءَ جي مخالفت ڪري سگھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:19
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو تہ ڪيو هو پر خدا انهيءَ کي ڀلائيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ هو گھڻن ئي ماڻهن جي جان بچائي، جيئن اڄڪلهہ ٿي رهيو آهي.


۽ وڏي آواز سان دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي خداوند، اسان جي ابن ڏاڏن جا خدا! عرش عظيم ۾ تو کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ آهي. غير قومن جي سڀني ملڪن تي تون ئي تہ حڪمران آهين. بيشڪ قدرت ۽ طاقت تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي. اهڙو ڪوبہ ناهي جيڪو تو آڏو بيهي سگھي.


جيڪڏهن طاقت جي ڳالهہ آهي تہ بيشڪ هو ئي طاقتور آهي. جيڪڏهن انصاف جي ڳالهہ آهي تہ ڪير مون کي انهيءَ کان انصاف وٺي ڏيندو؟


توڙي جو انسان ڪيڏو بہ غصو ڪري، تہ بہ هو تنهنجيءَ تعريف جو سبب بڻبو. هائو، سندس غصي جي نتيجي ۾ تون واکاڻ جو تاج پائيندين.


اهڙيءَ طرح اهي حقيقت کي ابتو ڪري ٿا ڇڏين. ڀلا ڇا ڪنڀر کي مٽيءَ جي برابر ليکيو ويندو؟ ڇا ڪنهن جي جوڙيل شيءِ پنهنجي جوڙيندڙ بابت چوندي تہ ”هن مون کي نہ جوڙيو آهي“؟ ڇا مخلوق پنهنجي خالق کي چوندي تہ ”تون مون بابت ڪجھہ بہ نہ ٿو ڄاڻين“؟


ڌرتيءَ جو هر ڪو باشندو هن جي آڏو ڪين جهڙو آهي، آسماني مخلوق هجي توڙي ڌرتيءَ وارا، تن سان هو جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو. ڪوبہ ناهي جيڪو سندس هٿ روڪي سگھي، نڪي وري ڪو اهڙو آهي، جيڪو هن کان پڇي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين پيو؟‘


ابنِ آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي انهيءَ تي جيڪو ابنِ آدم کي پڪڙائيندو. انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو دنيا ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“


خدا جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب عيسيٰ کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو.


شايد اوهين ائين چوندا تہ ”اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون، تہ جيئن اسين پيوند ڪيا وڃون.“


هاڻي جڏهن اها منادي ڪئي ٿي وڃي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي، تہ اوهان مان ڪي ڪيئن ٿا چون تہ مئل جيئرا ٿي ڪين ٿا اٿن؟


هاڻي شايد ڪو چوندو تہ مئل ڪيئن جيئرا ڪري اٿاريا وڃن ٿا؟ ۽ اهي وري ڪهڙي قسم جي بدن سان اچن ٿا؟


جيڪڏهن آزمائش جي گھڙيءَ ۾ ڪو ماڻهو گناهہ ڏانهن ڇڪجي وڃي تڏهن هو ائين نہ چوي تہ ”اهو سڀ خدا جي طرفان ٿئي ٿو.“ ياد رکو تہ خدا بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿو آزمائي.


پر ٿي سگھي ٿو ڪو ماڻهو ائين چوي تہ ”ڪن وٽ ايمان آهي ۽ ڪن وٽ عمل بہ آهي.“ چڱو ڀلا، آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ کي چوان ٿو تہ ”تون عمل کان سواءِ مون کي پنهنجو ايمان ڏيکار ۽ آءٌ پنهنجي عمل سان تو کي پنهنجو ايمان ڏيکاريندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ