Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:17 - Muslim Sindhi Bible

17 پاڪ ڪلام ۾ بہ اهڙيءَ ئي طرح خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاهہ انهيءَ لاءِ بڻايو آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪري پنهنجي قدرت ظاهر ڪريان ۽ دنيا ۾ منهنجو نالو روشن ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو پاڪ لکيت ۾ فرعون کي فرمايل آهي تہ ”اُنهي ئي لاءِ مون توکي کڙو ڪيو، تہ آئون تنهنجي ڪري پنهنجي قدرت ظاهر ڪريان، ۽ منهنجو نالو ساريءَ زمين تي پڌرو ٿي وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 پوِتر شاستر ۾ بہ اهڙيءَ ئي طرح ايشور فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي راجا انهيءَ لاءِ بڻايو آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪري پنهنجي شڪتي ظاهر ڪريان ۽ سنسار ۾ منهنجو نالو روشن ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ڇالاءِ⁠جو پاڪ لکت ۾ خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاھہ انھيءَ لاءِ بڻايو آھي تہ آءٌ تنھنجي ڪري قدرت ظاھر ڪريان ۽ دنيا ۾ منھنجو نالو روشن ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:17
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن تون هن وقت ماٺ ڪري ويهي رهندينءَ تہ يهودين جو بچاءُ ڪنهن ٻئي هنڌان بہ ٿي ويندو. پر تون ۽ تنهنجي پيءُ جو سڄو گھراڻو ناس ٿي ويندو. تو کي ڪهڙي خبر آهي تہ شايد تون هن ئي وقت لاءِ انهيءَ مقام تي پهتي هجين؟“


توڙي جو انسان ڪيڏو بہ غصو ڪري، تہ بہ هو تنهنجيءَ تعريف جو سبب بڻبو. هائو، سندس غصي جي نتيجي ۾ تون واکاڻ جو تاج پائيندين.


پر حقيقت ڪري مون تو کي رڳو انهيءَ سبب جيئرو رهڻ ڏنو آهي تہ جيئن تو کي پنهنجي قدرت ڏيکاريان ۽ انهيءَ سان منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ روشن ٿئي.


خداوند هر شيءِ ڪنهن نہ ڪنهن مقصد لاءِ بڻائي آهي، بلڪ بدڪار ماڻهوءَ جي قسمت ۾ هن بربادي لکي ڇڏي آهي.


اي فرعون! هاڻي تنهنجي انهن ڏاهن جي ڏاهپ ڪٿي آهي؟ جڏهن تہ اهي ٻڌائي ئي نہ ٿا سگھن تہ قادرِمطلق خداوند جو مصر جي باري ۾ ڪهڙو ارادو آهي؟


هاڻ اي خداوند اسان جا خدا! اسان کي هن جي هٿن مان ڇڏاءِ، تان‌تہ دنيا جون سڀ قومون ۽ بادشاهہ ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون ئي خدا آهين.“


اي بادشاهہ سلامت! اهو وڻ توهين ئي آهيو، جيڪي وڌي مضبوط ٿيا آهيو. توهان جي عظمت وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ توهان جي حاڪميت ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تائين وڃي پهتي آهي.


مون تو کي انهن تي ظاهر ڪيو آهي ۽ اڃا بہ ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آهي سو انهن ۾ هجي ۽ آءٌ بہ انهن ۾ هجان.“


پر خدا کيس ڇا فرمايو؟ هن وراڻيس تہ ”مون ست هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ بچائي رکيا آهن، جن بعل ديوتا آڏو سجدو نہ ڪيو آهي.“


پر پاڪ ڪلام ظاهر ڪري ٿو تہ سڄي دنيا گناهہ جي قبضي ۾ آهي. اهو انهيءَ لاءِ ظاهر ڪري ٿو تہ جيئن ان قبضي کان آزاديءَ وارو خدا جو واعدو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان اسان ۾ پورو ٿئي.


انهيءَ ڳالهہ جي پاڪ ڪلام اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ خدا غير قومن کي ايمان آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابراهيم کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي برڪت ملندي.“


پر پاڪ ڪلام ڇا ٿو چوي؟ اهو تہ ”ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻانهيءَ جو پٽ، آزاد زال جي پٽ سان گڏ هرگز وارث نہ ٿيندو.“


هنن وراڻيس تہ ”اسين تنهنجا ٻانها ڏورانهين ملڪ کان خداوند اوهان جي خدا جي هاڪ ٻڌي آيا آهيون. اسان اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو آهي جيڪو اوهان جي خدا مصر جي ملڪ ۾ ڪيو هو


اسان سان ويل ٿيو! ڪير اسان کي هنن طاقت وارن معبودن جي هٿان ڇڏائيندو. هي تہ اُهي ئي معبود آهن، جن مصرين کي هر قسم جي آفتن سان بيابان ۾ ماريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ