Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:38 - Muslim Sindhi Bible

38 منهنجو ايمان آهي تہ نہ موت، نہ حياتي، نہ ملائڪ، نہ بدروح، نہ حال توڙي مستقبل جون شيون، نہ طاقتون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 ڇالاءِ جو مون کي يقين آهي تہ نہ موت، نہ حياتي، نہ ملائڪ، نہ حڪومتون، نہ حال جون نہ استقبال جون شيون، نہ طاقتون

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 منهنجو وشواس آهي تہ نہ موت، نہ جيون، نہ دوت، نہ ڀوت، نہ حال توڙي مستقبل جون شيون، نہ شڪتيون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 ڇالاءِ⁠جو مون کي يقين آھي تہ نہ موت، نہ حياتي، نہ ملائڪ، نہ بدروح، نہ حال جون ۽ نہ مستقبل جون شيون، نہ طاقتون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:38
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ انهن کي دائمي زندگي ڏيان ٿو تنهنڪري اهي ڪڏهن بہ برباد نہ ٿينديون، نڪي ڪو ٻيو اهي مون کان کسي سگھندو.


سو اسان مان ڪوبہ پنهنجي لاءِ نہ ٿو جيئي، نڪي پنهنجي لاءِ ٿو مري.


هائو، جيڪڏهن اسين جيئون ٿا تہ خداوند عيسيٰ جي خاطر ۽ جي مرون ٿا تہ بہ خداوند عيسيٰ جي خاطر. سو اسين جيئون توڙي مرون تہ بہ خداوند عيسيٰ جا ئي آهيون.


هائو، هن کي پورو يقين هو تہ خدا جيڪو واعدو ڪيو آهي تنهن کي پوري ڪرڻ جي قدرت بہ رکي ٿو.


بيشڪ گناهہ جو اجورو موت آهي، جڏهن تہ خدا اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي فضل واري بخشش يعني دائمي زندگي عطا ڪري ٿو.


انهيءَ کان پوءِ آخرت ٿيندي، جڏهن مسيح هر حڪومت، هر اختياريءَ ۽ طاقت کي ختم ڪري بادشاهي خدا يعني پيءُ جي حوالي ڪري ڇڏيندو.


انهيءَ ۾ ڪوبہ عجب ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان بہ روپ مَٽائي پنهنجو پاڻ کي هڪ نوراني ملائڪ جهڙو بڻائي ٿو.


پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”مون ايمان آندو، تنهنڪري ڳالهايو.“ اسان ۾ بہ پاڪ روح جو عطا ڪيل ساڳيو ئي ايمان آهي. سو اسين بہ ايمان آڻيون ٿا، تنهنڪري ڳالهايون ٿا،


هائو، هن مسيح کي هر طرح جي حڪومت، اختياريءَ، طاقت ۽ بادشاهيءَ کان گھڻو مٿاهون ڪيو آهي. اهڙو رتبو نہ هن آخري زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾ ڪنهن کي حاصل ٿيندو.


سڀ شيون، آسمان ۾ توڙي زمين تي، ڏسڻ ۾ ايندڙ توڙي نہ ايندڙ، تخت هجن توڙي طاقتون، حڪومتون هجن توڙي اختياريون، مطلب تہ خدا سموريون شيون هن ۾ شامل، هن جي وسيلي ۽ هن جي لاءِ پيدا ڪري قائم رکيون آهن.


خدا ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ حڪمرانن ۽ اختيار وارن کان هٿيار کسي کين کُليو کُلايو تماشو بڻايو. هائو، مسيح جي صليب واري موت جي ڪري انهن تي فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين.


جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.


اهو ايمان ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“


هو آسمان تي وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ ملائڪ، اختياريون ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ